Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:51 - Hindu Sindhi Bible

51 حقيقت ۾ هن اها ڳالهہ پنهنجي طرفان نہ چئي، پر جيئن تہ هو انهيءَ سال جو وڏو سردار ڪاهن هو، تنهنڪري ايشور ئي هن جي واتان اهو چوايو تہ يسوع يهودي قوم لاءِ مرندو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

51 هاڻي اهو جو هن چيو سو پاڻو نہ چيائين: پر هو جو انهي ورهيہ جو سردار ڪاهن هو، تنهنڪري نبوت جي طور چيائين تہ يسوع کي هن قوم لاءِ مرڻ گهرجي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

51 حقيقت ۾ هن اها ڳالهہ پنهنجي طرفان نہ چئي، پر جيئن تہ هو انهيءَ سال جو وڏو سردار ڪاهن هو، تنهنڪري خدا ئي هن جي واتان اهو چوايو تہ عيسيٰ يهودي قوم لاءِ مرندو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

51 حقيقت ۾ ھن جيڪي لفظ چيا سي پنھنجي طرفان نہ چيائين، پر جيئن تہ ھو انھيءَ سال جو وڏو سردار ڪاھن ھو، تنھنڪري ھن اھي لفظ اڳڪٿي ڪري چيا تہ عيسيٰ يھودي قوم لاءِ مرندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:51
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساڳيءَ طرح منش‌پتر بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس سيوا ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي سيوا ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“


انهن مان هڪڙي شخص جو نالو ڪائفا هو جيڪو انهيءَ سال جو وڏو سردار ڪاهن هو، تنهن چيو تہ ”اوهان کي سڌ ئي ڪانہ ٿي پوي.


اهي پهريائين کيس يروشلم ۾ حَنا وٽ وٺي ويا، جيڪو انهيءَ سال جي وڏي سردار ڪاهن ڪائفا جو سهرو هو.


جيڪڏهن مون کي ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو وردان مليل هجي، سڀني ڀيدن ۽ هر ڄاڻ جي واقفيت هجي، ۽ منهنجو وشواس ايڏو تہ ڪامل هجي، جو آءٌ جبلن کي بہ هٽائي سگھان، پر جيڪڏهن مون ۾ پريم نہ آهي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان.


مسيح جيڪو پاپ کان پوِتر هو، تنهن کي ايشور اسان جي واسطي پاپ جو ٻليدان مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان ايشور جي سچائي ظاهر ٿئي.


هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي نيم تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو سوليءَ تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


هو پاڻ اسان جا پاپ پنهنجي شرير تي کڻي سوليءَ تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پاپن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيوت رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن پاپن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي ايشور تائين پهچائي. هو هن پاپي سنسار جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر آتمڪ طور وري جيوت ڪيو ويو.


اهو ئي اسان جي پاپن جو ڪفارو ڏيڻ وارو ٻليدان آهي، نہ رڳو اسان جي، بلڪ سڄي سنسار جي پاپن جو ڪفارو پڻ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ