Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:5 - Hindu Sindhi Bible

5 يسوع جو لعزر ۽ سندس ڀينرن سان پيار هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 هاڻي يسوع جو مارٿا ۽ سنديس ڀيڻ ۽ لعزر تي پيار هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 عيسيٰ جو لعزر ۽ سندس ڀينرن سان پيار هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 عيسيٰ جو مارٿا، سندس ڀيڻ ۽ لعزر سان پيار ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:5
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع پنهنجي چيلن سميت هلندي هلندي هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتو، جتي مارٿا نالي هڪڙي ناريءَ پنهنجي گھر ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪيو.


مارٿا گھڻي ڪم ڪار ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيئي، سو اچي يسوع کي چيائين تہ ”اي سوامي! اوهان کي خيال نہ ٿو ٿئي تہ منهنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ۾ اڪيلو کڻي ڇڏي ڏنو آهي؟ هاڻي چئوس تہ هلي منهنجي مدد ڪري.“


پر پرڀوءَ وراڻيس تہ ”مارٿا! اي مارٿا! تون گھڻين ڳالهين جي چنتا ۽ پريشانيءَ ۾ آهين،


يهوديہ صوبي جي ڳوٺ بيت‌عنياہ ۾ لعزر نالي هڪ ماڻهو بيمار ٿي پيو. انهيءَ ڳوٺ ۾ مريم ۽ مارٿا نالي سندس ٻہ ڀينرون بہ رهنديون هيون. هيءَ مريم اها هئي جنهن پرڀو يسوع جي پيرن کي عطر مکي پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيا هئا.


ٻنهي ڀينرن يسوع کي چوائي موڪليو تہ ”اي پرڀو! اوهان جو پيارو دوست بيمار آهي.“


تنهن تي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، لعزر سان کيس ڪيڏو نہ پيار هو.“


تنهن هوندي بہ لعزر جي بيماريءَ بابت ٻڌڻ جي باوجود هو جتي هو اتي ٻہ ڏينهن وڌيڪ ترسي پيو.


تنهن تي چيلن چيس تہ ”اي گرو! اڃا تازو ئي ماڻهو اوهان کي سنگسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۽ اوهين وري اوڏانهن ٿا هلو.“


ڇاڪاڻ تہ پتا تہ پاڻ اوهان سان پيار ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مون سان پيار ڪيو آهي ۽ وشواس آندو اٿوَ تہ آءٌ پتا وٽان آيو آهيان.


مون تو کي انهن تي ظاهر ڪيو آهي ۽ اڃا بہ ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو پيار تو مون سان ڪيو آهي سو انهن ۾ هجي ۽ آءٌ بہ انهن ۾ هجان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ