Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:44 - Hindu Sindhi Bible

44 تنهن تي مئل ماڻهو جيوت ٿي ٻاهر نڪري آيو. هن جا هٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل هئا ۽ سندس منهن رومال سان ويڙهيل هو. يسوع انهن ماڻهن کي چيو تہ ”هن کي کوليو تہ گھمي ڦري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

44 پوءِ اُهو، جو مري ويو هو، سو هٿين پيرين ڪفن ۾ ٻَڌل نڪري آيو؛ ۽ سندس منهن رومال سان ويڙهيل هو. يسوع چين تہ ڇوڙيوس ۽ ڇڏيوس تہ وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

44 تنهن تي مئل ماڻهو جيئرو ٿي ٻاهر نڪري آيو. هن جا هٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل هئا ۽ سندس منهن رومال سان ويڙهيل هو. عيسيٰ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”هن کي کوليو تہ گھمي ڦري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

44 تنھن تي مئل ماڻھو ٻاھر نڪري آيو. ھن جا ھٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل ھئا ۽ سندس منھن رومال سان ويڙھيل ھو. عيسيٰ انھن ماڻھن کي چيو تہ ”ھن کي کوليو ۽ ڇڏيوس تہ وڃي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:44
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يسوع انهن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ هن وڌيڪ چين تہ ”ڪنيا کي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“


ٻيو هڪڙو آيو ۽ چيائين تہ ’سائين! ڏسو، هي آهي اوهان جو سونو سڪو. مون اهو رومال ۾ ٻڌي سنڀالي رکيو آهي،


تنهن تي اهو مري ويل اُٿي ويٺو ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. پوءِ ان ڇوڪر کي سندس ماتا جي حوالي ڪيائين.


جڏهن تہ آءٌ ۽ پتا هڪ آهيون.“


يسوع چيو تہ ”هن پٿر کي پري هٽايو.“ فوتيءَ جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو تہ ”اي پرڀو! اندر تہ بانس هوندي، ڇاڪاڻ تہ هن کي دفن ڪئي چار ڏينهن گذري ويا آهن.“


ائين چوڻ کان پوءِ يسوع وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاهر نڪري اچ.“


پوءِ جيئن يهودين ۾ دفن ڪرڻ جي رسم آهي تيئن انهن بہ يسوع جي لاش کي خوشبوءِ لڳائي ڪفن ۾ ويڙهيو.


هو قبر ۾ اندر گھڙي نہ ويو، پر ليئو پائي قبر ۾ نهاري ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آهي.


ان کان علاوہ هن اهو رومال بہ اتي پيل ڏٺو، جيڪو يسوع جي مٿي تي ويڙهيل هو. پر اهو ٻئي هنڌ جدا ويڙهيو پيو هو.


جيئن پتا مئلن کي جيوت ڪري کين جيون ڏئي ٿو، تيئن پٽ بہ جنهن کي وڻيس تنهن کي جيون ڏئي ٿو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اها گھڙي اچي رهي آهي بلڪ اچي پهتي آهي، جڏهن مئل ماڻهو ايشور جي پٽ جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيوت ٿيندا.


هو پنهنجي انهيءَ شڪتيءَ سان، جنهن جي ذريعي هر شيءِ کي پنهنجي هٿ هيٺ آڻي ٿو سگھي، اسان جي خسيس شرير کي بدلائي پنهنجي مهانتا واري شرير جي روپ جهڙو ڪندو.


۽ اهو آهيان جيڪو جيوت رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيوت رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي سنسار جون چاٻيون مون وٽ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ