Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:28 - Hindu Sindhi Bible

28 هن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنهنجي ڀيڻ مريم کي پنهنجي منهن سڏي چيائين تہ ”ادي! گرو آيو آهي ۽ تو کي سڏي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ ائين چئي هوءَ ويئي هلي ۽ پنهنجيءَ ڀيڻ مريم کي پنهنجي منهن سڏي چيائين، تہ اُستاد آيو آهي ۽ توکي ٿو ڪوٺي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 هن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنهنجي ڀيڻ مريم کي پنهنجي منهن سڏي چيائين تہ ”ادي! استاد آيو آهي ۽ تو کي سڏي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 ھن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنھنجي ڀيڻ مريم کي پنھنجي منھن سڏي چيائين تہ ”ادي! استاد آيو آھي ۽ تو کي سڏي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:28
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع هنن کي چيو تہ ”يروشلم شهر ۾ فلاڻي ماڻهوءَ وٽ وڃو ۽ منهنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’گرو چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آهي. هو پنهنجي چيلن سميت فصح جو تهوار اوهان جي گھر ۾ ملهائيندو.‘“


تنهن تي يسوع بيهي رهيو ۽ چيائين تہ ”هن کي سڏ ڪريو.“ سو انهن انڌي ماڻهوءَ کي سڏيو ۽ چيائونس تہ ”دلجاءِ ڪر، هو تو کي سڏي رهيو آهي. اُٿي هل.“


پوءِ جنهن گھر ۾ اهو ماڻهو گھڙي وڃي تنهن جي مالڪ کي چئجو تہ ’گرو چوي ٿو تہ اهو مهمان‌خانو ڪٿي آهي، جتي هو پنهنجي چيلن سان گڏجي فصح جي تهوار واري رسوئي کائي؟‘


اوهين گھر جي مالڪ کان پڇجو تہ ’گرو چوي ٿو تہ اوطاق ڪٿي آهي جتي هو پنهنجي چيلن سان گڏ فصح جي تهوار واري رسوئي کائي؟‘


جلد ئي اندرياس پنهنجي ڀاءُ شمعون کي ڳولي لڌو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”اسان مسيح کي ڏٺو آهي.“ (مسيح جي معنيٰ ”مسح ڪري مخصوص ڪيل“ آهي).


فلپس نٿن‌ايل سان وڃي مليو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”جنهن بابت موسيٰ پنهنجي شاستر ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن پڻ لکيو آهي، سو اسان کي ملي ويو آهي. اهو يوسف جو پٽ يسوع آهي، جيڪو ناصرت ڳوٺ جو آهي.“


دربان هن لاءِ در کولي ٿو ۽ رڍون هن جو آواز ٻڌن ٿيون. هو نالو وٺي پنهنجي رڍن کي سڏي ٿو ۽ کين ٻاهر آڻي ٿو.


جيئن ئي مارٿا ٻڌو تہ يسوع اچي رهيو آهي تہ هوءَ کيس ملڻ لاءِ اڳڀرو ويئي، جڏهن تہ مريم گھر ۾ ئي ويٺي رهي.


اها ڳالهہ ٻڌڻ شرط مريم هڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ يسوع وٽ ويئي.


يسوع اڃا تائين ڳوٺ ۾ ڪين پهتو هو، پر اتي ئي هو جتي مارٿا وڃي ساڻس ملي هئي.


اوهين مون کي گرو ۽ پرڀو ڪري ٿا سڏيو، سو برابر آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اهو ئي آهيان.


يسوع چيس تہ ”مريم!“ تنهن تي مريم ڦري عبرانيءَ ۾ چيس تہ ”ربوني!“ يعني ”اي منهنجا گرو!“


پوءِ انهيءَ چيلي جنهن سان يسوع جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو تہ ”ڏسو! هي تہ پرڀو آهي!“ جڏهن شمعون پطرس ٻڌو تہ اهو پرڀو آهي، تڏهن جيئن تہ هو پٺيءَ اگھاڙو هو، سو قميص چيلهہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ هڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو.


تنهنڪري اوهين هڪٻئي کي همتائيندا ۽ هڪٻئي جي ترقيءَ جو سبب بڻبا رهو، جيئن سچ پچ اوهين ڪريو بہ پيا.


تنهنڪري ڍلا هٿ ۽ ڪمزور گوڏا مضبوط ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ