Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 11:19 - Hindu Sindhi Bible

19 سو اتان ڪيترائي ماڻهو مارٿا ۽ مريم سان سندن ڀاءُ جي پرچاڻي ڪرڻ لاءِ آيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ گهڻيئي يهودي مارٿا ۽ مريم وٽ سندن ڀاءُ جي لاءِ عذرخواهي ڪرڻ آيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 سو اتان ڪيترائي ماڻهو مارٿا ۽ مريم سان سندن ڀاءُ جو عذر ڪرڻ لاءِ آيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 سو ڪيترائي يھودي مارٿا ۽ مريم سان سندن ڀاءُ جو عذر ڪرڻ لاءِ آيا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 11:19
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان ناريءَ جي مريم نالي هڪ ڀيڻ هئي، جنهن يسوع جي پيرن وٽ ويهي سندس ڳالهيون پئي ٻڌيون.


جڏهن تہ رڳو هڪڙي ئي ڳالهہ ضروري آهي. مريم اها چڱي ڳالهہ چونڊي کنئي آهي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“


يوحنا جي شاهدي هن طرح آهي تہ جڏهن يروشلم جي يهودي اڳواڻن يوحنا ڏانهن ڪاهن ۽ لاوي موڪليا، جن اچي کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آهين؟“


يهوديہ صوبي جي ڳوٺ بيت‌عنياہ ۾ لعزر نالي هڪ ماڻهو بيمار ٿي پيو. انهيءَ ڳوٺ ۾ مريم ۽ مارٿا نالي سندس ٻہ ڀينرون بہ رهنديون هيون. هيءَ مريم اها هئي جنهن پرڀو يسوع جي پيرن کي عطر مکي پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيا هئا.


جيڪي ماڻهو مريم سان گھر ۾ ويٺا هئا ۽ دلداري پئي ڏنائونس، تن جڏهن مريم کي تڪڙو تڪڙو ٻاهر ويندي ڏٺو تڏهن سمجھيائون تہ هوءَ ڀاءُ جي قبر تي روئڻ ٿي وڃي، سو اهي بہ هن جي پٺيان اٿي هليا.


يسوع جڏهن مريم ۽ ساڻس گڏ آيل ماڻهن کي روئندي ڏٺو، تڏهن انهيءَ واقعي سبب کيس ڏاڍو رنج پهتو ۽ بيحد ڏک ٿيس.


تنهن تي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، لعزر سان کيس ڪيڏو نہ پيار هو.“


جيڪي ماڻهو مريم وٽ آيا هئا، تن مان ڪيترن ئي جڏهن يسوع جو هي ڪم ڏٺو تڏهن مٿس وشواس آندائون.


تنهن تي چيلن چيس تہ ”اي گرو! اڃا تازو ئي ماڻهو اوهان کي سنگسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۽ اوهين وري اوڏانهن ٿا هلو.“


خوشي ڪرڻ وارن سان گڏجي خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو.


هو اسان کي هر مصيبت ۾ دلداري ٿو ڏئي، تہ جيئن اسين سندس مليل اها ساڳي دلداري ٻين کي ڏيئي سگھون، جيڪي ڪنهن مصيبت ۾ آهن.


سو اوهين انهن ڳالهين سان هڪٻئي کي همتائيندا ڪريو.


تنهنڪري اوهين هڪٻئي کي همتائيندا ۽ هڪٻئي جي ترقيءَ جو سبب بڻبا رهو، جيئن سچ پچ اوهين ڪريو بہ پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ