Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 10:6 - Hindu Sindhi Bible

6 يسوع انهن کي اهو مثال ٻڌايو، پر انهن نہ سمجھيو تہ هن جي چوڻ جو مقصد ڇا آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 اهو مثال يسوع کين ٻُڌايو، پر هنن کي سمجهڻ ۾ ڪين آيو تہ هيءُ اسان سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 عيسيٰ انهن کي اهو مثال ٻڌايو، پر انهن نہ سمجھيو تہ هن جي چوڻ جو مقصد ڇا آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 عيسيٰ انھن کي ھي مثال ٻڌايو پر انھن نہ سمجھيو تہ ھو ڇا چئي رھيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 10:6
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع ميڙن کي هي سڀ ڳالهيون مثالن سان ٻڌائيندو هو ۽ مثالن کان سواءِ انهن کي ڪا ڳالهہ نہ ٻڌائيندو هو،


پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کان پڇيو تہ ”ڇا اوهان هي سڀ ڳالهيون سمجھيون؟“ هنن وراڻيو تہ ”هائو.“


هو ماڻهن سان مثالن کان سواءِ نہ ڳالهائيندو هو، پر جڏهن چيلن سان اڪيلائپ ۾ هوندو هو تہ کين سڀني ڳالهين جو مطلب سمجھائيندو هو.


”هن وقت تائين مون اوهان کي اهي ڳالهيون مثالن ۾ پئي ٻڌايون آهن. پر اهو وقت ايندو جڏهن آءٌ اوهان سان مثالن ۾ نہ ڳالهائيندس، بلڪ پتا بابت اوهان سان صاف صاف ڳالهيون ڪندس.


تنهن تي چيلن کيس چيو تہ ”هاڻي تہ اوهين صاف صاف ڳالهائي رهيا آهيو ۽ مثالن ۾ نہ ٿا ڳالهايو.


تنهن تي ماڻهو پاڻ ۾ سخت بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هي شخص پنهنجو ماس اسان کي کائڻ لاءِ ڪيئن ٿو ڏيئي سگھي؟“


اهي ڳالهيون ٻڌي سندس چيلن مان ڪيترا ئي چوڻ لڳا تہ ”هيءَ ڳالهہ ڏاڍي ڏکي آهي. اها ڪير ٻڌي سگھندو؟“


ڀلا انهن ڳالهين جو مطلب ڇا آهي جو هو چوي ٿو تہ ’اوهين مون کي ڳوليندا، پر لهي نہ سگھندا‘ يا وري ’اوهين اتي اچي نہ سگھندا جتي آءٌ هوندس‘؟“


انهن اهو نہ سمجھيو تہ هو ساڻن پتا بابت ڳالهائي رهيو آهي.


اوهين منهنجو ڳالهائڻ ڇو نہ ٿا سمجھو؟ اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ اوهين منهنجي ڳالهين کي ٻڌي نہ ٿا سگھو.


پر جنهن ماڻهوءَ کي پوِتر آتما مليل نہ آهي، سو ايشور جي پوِتر آتما جون ڳالهيون قبول نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جي نظر ۾ مورکتا آهن. هو انهن کي سمجھي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهي پوِتر آتما جي وسيلي ئي پرکي سگھجن ٿيون.


انهن تي هيءَ سچي چوڻي ٺهڪي ٿي تہ ”ڪتو الٽي ڪري وري انهيءَ ڏانهن ٿو موٽي“ ۽ هيءَ چوڻي بہ ٺهڪي ٿي تہ ”اشنان ڪيل سوئرڻي وري وڃيو گپ ۾ ليٿڙي.“


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ ايشور جو پٽ هن سنسار ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس پٽ يسوع مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي ايشور ۽ امر جيون آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ