Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 10:33 - Hindu Sindhi Bible

33 تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ جي ڪري نہ، پر ايشور جي نندا ڪرڻ ڪري سنگسار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ تون انسان ٿي ڪري پاڻ کي ايشور سڏين ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 يهودين جواب ڏنس تہ اسين توکي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ سنگسار نٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ ڪري؛ ڇالاءِ جو تون انسان ٿي پاڻ کي خدا ٿو ڪوٺين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ جي ڪري نہ، پر ڪفر بڪڻ ڪري سنگسار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ تون انسان ٿي ڪري پاڻ کي خدا سڏين ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 تنھن تي يھودين وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنھن چڱي ڪم ڪرڻ ڪري سنگسار نہ ٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ ڪري، ڇالاءِ⁠جو تو انسان ٿي ڪري پاڻ کي خدا سڏايو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 10:33
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ ماڻهو چوڌاري ڦري آيس ۽ چيائونس تہ ”ڪيستائين تون اسان کي شڪ ۾ رکندين؟ جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي صاف صاف ٻڌاءِ.“


جڏهن تہ آءٌ ۽ پتا هڪ آهيون.“


تڏهن يسوع کين چيو تہ ”مون پتا جي پاران ڪيترائي چڱا ڪم اوهان کي ڪري ڏيکاريا آهن. انهن مان ڪهڙي ڪم جي ڪري اوهين مون کي سنگسار ڪريو ٿا؟“


تنهن تي انهن ماڻهن زور ڀري چيو تہ ”اسان وٽ موسيٰ جو نيم آهي ۽ ان موجب هو موت جي لائق آهي، ڇاڪاڻ تہ هن ايشور جو پٽ هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.“


هن ڳالهہ جي ڪري يهودي اڳواڻ هيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو، بلڪ ايشور کي پنهنجو پتا سڏي پاڻ کي ايشور جي برابر ٿي ڪيائين.


هر ڪنهن شخص کي ملڪ جي حڪومت جي وس هيٺ رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اهڙي ڪابہ حڪومت ڪانهي جيڪا ايشور جي طرفان نہ هجي. جيڪي بہ حڪومتون آهن سي ايشور جي طرفان مقرر ٿيل آهن.


جيتوڻيڪ هو پاڻ ايشور جو روپ هو، تہ بہ هن ايشور سان برابر هئڻ جي درجي کي زوريءَ پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جي شيءِ نہ سمجھيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ