Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 10:1 - Hindu Sindhi Bible

1 يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو ماڻهو رڍن جي واڙي ۾ در کان نہ ٿو گھڙي پر ڪنهن ٻئي پاسي کان ٽپي اچي ٿو، سو چور ۽ ڌاڙيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪو رڍن جي واڙي ۾ دروازي کان نٿو گهڙي، پر ٻئي ڪنهن رستي کان ٽپي ٿو اچي، سو چور ۽ ڌاڙيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو ماڻهو رڍن جي واڙي ۾ در کان نہ ٿو گھڙي پر ڪنهن ٻئي پاسي کان ٽپي اچي ٿو، سو چور ۽ ڌاڙيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪو ماڻھو رڍن جي واڙي ۾ در کان نہ ٿو گھڙي پر ڪنھن ٻئي پاسي کان ٽپي اچي ٿو، سو چور ۽ ڌاڙيل آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 10:1
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”سنديش ڏيندڙ انهن سنت سڏائڻ وارن کان هوشيار ٿجو، جيڪي ايشور جا حقيقي سنت نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اهي وحشي بگھڙ آهن.


سو يسوع وري اهو بہ چين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ رڍن لاءِ اهو در آءٌ آهيان.


تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو نئين سر پيدا نہ ٿيندو، تيستائين ايشور جو راڄ ڏسي نہ سگھندو.“


جيستائين ڪن کي موڪليو ئي نہ وڃي، تيستائين اهي سنديش جو پرچار ڪيئن ڪندا؟ جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”خوشخبري ٻڌائڻ وارن جو اچڻ ڪيڏو نہ وڻندڙ آهي!“


هائو، جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي اسان جي پرڀو مسيح جي سيوا نہ ٿا ڪن، پر پنهنجي پيٽ جي پوجا ٿا ڪن ۽ پنهنجي سڻڀي ۽ مٺيءَ زبان سان اٻوجھن جون دليون ٿا ٺڳين.


انهن جو وات بند ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ تہ اهڙا ماڻهو لالچ جي خاطر اهڙيون ڳالهيون سيکاري گھرن جا گھر بگاڙي ٿا ڇڏين، جيڪي کين نہ سيکارڻ گھرجن.


مان وارو اهو عهدو ڪوبہ ماڻهو پنهنجو پاڻ حاصل ڪري نہ ٿو سگھي، جيستائين ايشور کيس هارون نالي پهرئين سردار ڪاهن وانگر نہ چونڊي.


ايشور جي سنديش ڏيندڙ سنتن انهيءَ ئي مڪتيءَ جي باري ۾ وڏي ڳولا ۽ کوجنا ڪئي ۽ اڳڪٿي ڪري انهيءَ ڪرپا بابت ٻڌايائون، جيڪا ايشور هاڻي اوهان تي ڪري رهيو آهي.


پر جهڙيءَ طرح بني اسرائيل ۾ سنديش ڏيندڙ سنت سڏائڻ وارا ڪوڙا ماڻهو هئا، تهڙيءَ طرح اوهان ۾ بہ ڪوڙي سکيا ڏيندڙ ظاهر ٿيندا. اهي ڳُجھيءَ طرح برباد ڪندڙ ڪوڙيون ڳالهيون ڦهلائيندا. ايتري قدر جو هو انهيءَ مالڪ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين مُلهہ ڏيئي خريد ڪيو هو. ائين هو پاڻ تي جلد ئي بربادي آڻيندا.


اهي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالهيون ٻڌائي اوهان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي ايشور سندن خلاف فيصلو جاري ڪيو هو، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو تيار رهي ٿو ۽ کين برباد ڪرڻ لاءِ سجاڳ آهي.


اي پريميؤ! جيڪي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو ايشور جي پوِتر آتما طرفان ٿا ڳالهائين، تن سڀني کي پرکڻ کان سواءِ مٿن وشواس نہ ڪريو. هائو، انهن کي پرکي ڏسو تہ منجھن ايشور جي آتما آهي يا نہ، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي اهڙا ماڻهو سنسار ۾ نڪري پيا آهن، جيڪي پاڻ کي سنديش ڏيندڙ سنت سڏائين ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ