Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:50 - Hindu Sindhi Bible

50 يسوع چيس تہ ”ڇا تون انهيءَ ڪري وشواس ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ تو کي انجير جي وڻ هيٺ ڏٺو هئم؟ پر تون هن کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

50 يسوع هن کي جواب ڏيئي چيو، تہ مون جو توکي انجير جي وڻ هيٺان ڏٺو، تنهنڪري ايمان آندو اٿيئي ڇا؟ تون انهي کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

50 عيسيٰ چيس تہ ”ڇا تون انهيءَ ڪري ايمان ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ تو کي انجير جي وڻ هيٺ ڏٺو هئم؟ پر تون هن کان بہ وڏيون ڳالهيون ڏسندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

50 عيسيٰ چيس تہ ”ڇا تون انھيءَ ڪري ايمان ٿو آڻين جو مون تو کي ٻڌايو تہ مون تو کي انجير جي وڻ ھيٺ ڏٺو ھو؟ تون ھن کان بہ وڏيون ڳالھيون ڏسندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:50
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ جنهن وٽ ڪجھہ آهي، تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو تہ وٽس تمام گھڻو ٿي پوندو. پر جنهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي، تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو هن وٽ آهي.


هن رستي جي ڀر ۾ هڪ انجير جو وڻ ڏٺو سو وڌي اُن وڻ ڏانهن ويو. ڏٺائين تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن هئا. تنهن تي هن وڻ کي چيو تہ ”تون وري ڪڏهن بہ ميوو نہ جھليندين.“ تڏهن اهو وڻ هڪدم سڪي ويو.


ڇاڪاڻ تہ جنهن ڪجھہ ڪمايو آهي تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو، تہ جيئن وٽس گھڻو ٿي پوي. پر جنهن ڪجھہ بہ نہ ڪمايو آهي، تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آهي.


تون ڪيڏي نہ سڀاڳي آهين، جو تو يقين ڪيو آهي تہ جيڪي ڳالهيون پرميشور جي طرفان تو کي ٻڌايون ويون آهن سي سچيون ثابت ٿينديون.“


يسوع اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا، تن ڏانهن منهن ورائي کين چيائين تہ ”مون ايڏو وشواس بني اسرائيل ۾ بہ ڪونہ ڏٺو آهي.“


تنهن تي نٿن‌ايل چيو تہ ”اي گرو! اوهين تہ ايشور جا پٽ آهيو. اوهين بني اسرائيل جا راجا آهيو.“


پوءِ يسوع وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين آڪاش کلندو ڏسندا ۽ ايشور جي دوتن کي منش‌پتر تي پرگھٽ ٿيندو ۽ مٿي ويندو ڏسندا.“


يسوع هن کي چيو تہ ”مون تو کي ڪين چيو هو تہ جيڪڏهن تون وشواس رکندينءَ تہ ايشور جي مهانتا ڏسندينءَ؟“


يسوع چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري وشواس رکيو اٿيئي. پر سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي وشواس ٿا رکن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ