Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:38 - Hindu Sindhi Bible

38 يسوع ڦري انهن کي پنهنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوهين ڪهڙي ڳولا ۾ آهيو؟“ تنهن تي انهن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني گرو)! اوهين ڪٿي رهو ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 يسوع ڦري هنن کي ايندو ڏسي، کين چيو تہ اوهين ڇا ٿا ڳوليو؟ هنن چيس تہ اي ربي (يعني استاد) تون ڪٿي ٿو رهين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 عيسيٰ ڦري انهن کي پنهنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوهين ڪهڙي ڳولا ۾ آهيو؟“ تنهن تي انهن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني استاد)! اوهين ڪٿي رهو ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 عيسيٰ ڦري انھن کي پنھنجي پويان ايندي ڏسي چيو تہ ”اوھان کي ڇا گھرجي؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”اي ربي (يعني استاد)! اوھين ڪٿي رھو ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:38
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان ناريءَ جي مريم نالي هڪ ڀيڻ هئي، جنهن يسوع جي پيرن وٽ ويهي سندس ڳالهيون پئي ٻڌيون.


هڪڙي دفعي ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ يسوع سان گڏ پئي هليو. هن ڦري ماڻهن کي چيو تہ


سو هو اُٿي پنهنجي پتا ڏانهن روانو ٿيو. هو اڃا پري ئي هو تہ کيس ڏسي سندس پتا کي مٿس ديا آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس.


جڏهن يسوع انهيءَ جاءِ تي آيو، تڏهن مٿي نهاري چيائين تہ ”اي زڪئي! هڪدم هيٺ لهي اچ، ڇاڪاڻ تہ اڄ مون کي تنهنجي گھر رهڻو آهي.“


تڏهن پرڀوءَ ڦري پطرس ڏانهن نهاريو تہ پطرس کي پرڀوءَ جا لفظ ياد آيا جيڪي چيا هئائينس تہ ”جيستائين اڄ رات ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“


تڏهن جنهن ماڻهوءَ مان ڀوت نڪري ويا هئا، تنهن کيس وينتي ڪري چيو تہ ”مون کي پاڻ سان وٺي هلو.“ پر يسوع کيس اهو چئي موٽائي گھر ڏانهن موڪليو تہ


اها ڳالهہ ٻڌي ٻنهي چيلن يسوع جي پٺيان هلڻ شروع ڪيو.


يسوع جواب ڏنو تہ ”هلي ڏسو.“ اهو اٽڪل چئين بجي جو وقت هو جڏهن اهي ساڻس گڏ هليا ۽ اها جاءِ ڏٺائون جتي هو ترسيل هو. پوءِ هنن اهو ڏينهن ساڻس گڏ گذاريو.


تنهن تي نٿن‌ايل چيو تہ ”اي گرو! اوهين تہ ايشور جا پٽ آهيو. اوهين بني اسرائيل جا راجا آهيو.“


اهي فلپس وٽ آيا جيڪو گليل جي شهر بيت‌صيدا جو ويٺل هو ۽ وينتي ڪيائونس تہ ”اي سائين! اسين يسوع سان ملڻ چاهيون ٿا.“


يسوع پوريءَ طرح ڄاتو پئي تہ ساڻس ڇا ٿيڻو آهي، سو هو ڪجھہ قدم اڳتي وڌي کانئن پڇڻ لڳو تہ ”اوهين ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“


تڏهن يسوع کانئن وري پڇيو تہ ”اوهين ڪنهن کي ڳولي رهيا آهيو؟“ انهن چيو تہ ”يسوع ناصريءَ کي.“


هڪ رات هو يسوع وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سوامي! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوهين ايشور جي طرفان گرو ٿي آيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين ايشور ساڻس نہ هجي.“


سو اهي يوحنا وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي گرو! جيڪو ماڻهو اردن درياءَ جي هُن ڀر اوهان سان گڏ هو ۽ جنهن بابت اوهان شاهدي ڏني هئي، سو هاڻي ماڻهن کي بپتسما ڏيئي رهيو آهي ۽ هر ڪو انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي.“


هوڏانهن يسوع جي چيلن کيس وينتي ڪئي تہ ”اي گرو! ڪجھہ کائو.“


ماڻهن جڏهن يسوع کي ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي ڳولي لڌو تہ کيس چيائون تہ ”اي گرو! اوهين هتي ڪڏهن آيا؟“


تنهن تي پطرس هيٺ لهي ويو ۽ انهن ماڻهن کي چيائين تہ ”آءٌ اهو آهيان، جنهن کي اوهين ڳولي رهيا آهيو. اوهين ڪيئن آيا آهيو؟“


اهو ئي سبب آهي جو جڏهن مون کي گھرايو ويو تہ آءٌ بنا ڪنهن اعتراض جي هليو آيس. هاڻي ٻڌايو تہ مون کي ڇو گھرايو اٿوَ؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ