Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:30 - Hindu Sindhi Bible

30 هي اهو ئي آهي جنهن بابت مون چيو هو تہ منهنجي پٺيان هڪ اهڙو شخص ٿو اچي جيڪو مون کان وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 هيءُ اُهو آهي جنهن بابت مون چيو هو، تہ مون کان پوءِ هڪڙو شخص ٿو اچي، جو مون کان اڳي ٿيو آهي: ڇالاءِ جو هو مون کان اڳي هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 هي اهو ئي آهي جنهن بابت مون چيو هو تہ منهنجي پٺيان هڪ اهڙو شخص ٿو اچي جيڪو مون کان وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 ھي اھو ئي آھي جنھن بابت مون چيو ھو تہ منھنجي پٺيان ھڪ اھڙو شخص ٿو اچي جيڪو مون کان وڏو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھو منھنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:30
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان پاپن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پوِتر آتما ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو شڪتيءَ وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان.


تنهن تي يوحنا انهن سڀني کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، پر اهو اچڻ وارو آهي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو شڪتيءَ وارو آهي ۽ آءٌ سندس جتيءَ جون ڪهيون ڇوڙڻ جي لائق بہ نہ آهيان. اهو اوهان کي پوِتر آتما ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو.


يوحنا هن بابت شاهدي ڏيندي وڏي واڪي چيو هو تہ ”هي اهو آهي، جنهن بابت مون چيو هو تہ ’جيڪو منهنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود هو.‘“


هو مون کان پوءِ اچي رهيو آهي ۽ آءٌ تہ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان.“


مون بہ اڳ ۾ کيس نہ ٿي سڃاتو. آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما انهيءَ لاءِ ڏيندو آيس، تہ جيئن هو بني اسرائيل جي اڳيان ظاهر ٿئي.“


ڪيترائي ماڻهو وٽس ايندا هئا. هو چوندا هئا تہ ”يوحنا ڪوبہ چمتڪار تہ نہ ڏيکاريو، پر هن ماڻهوءَ بابت جيڪي ڳالهيون هن چيون هيون سي سڀ سچيون نڪتيون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ