Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:29 - Hindu Sindhi Bible

29 ٻئي ڏينهن تي يوحنا يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي ايشور جو گھيٽڙو آهي، جيڪو سنسار جا پاپ کڻي وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 ٻئي ڏينهن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي خدا جو گھيٽڙو آهي، جيڪو دنيا جا گناهہ کڻي وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 ٻئي ڏينھن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، ھي خدا جو گھيٽو آھي، جيڪو دنيا جا گناھہ کڻي وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:29
65 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يسوع رکجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي قوم کي سندن پاپن کان مڪتي ڏيندو.“


ساڳيءَ طرح منش‌پتر بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس سيوا ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي سيوا ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“


ٻئي ڏينهن تي يوحنا پنهنجي ٻن چيلن سان گڏ وري اتي بيٺو هو


تہ هن يسوع کي لنگھندي ڏٺو. تڏهن يسوع ڏانهن نهاري چيائين تہ ”ڏسو، اهو اٿوَ ايشور جو گھيٽڙو.“


ٻئي ڏينهن تي يسوع گليل علائقي ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. اتي پهچي هو فلپس سان مليو ۽ کيس چيائين تہ ”منهنجي پٺيان هل.“


ٽئين ڏينهن تي گليل جي ڳوٺ قانا ۾ ڪا شادي هئي ۽ يسوع جي ماتا بہ اتي آيل هئي.


ڏسو، ايشور سنسار سان ايترو تہ پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي پٽ ڏنو تہ جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس امر جيون ملي.


پوءِ اهي ان ناريءَ کي چوڻ لڳا تہ ”هاڻي اسين رڳو تنهنجي چوڻ تي مٿس وشواس نہ ٿا آڻيون، پر اسان پاڻ کيس ٻڌو آهي ۽ ڄاڻون ٿا تہ حقيقت ۾ هيءُ ئي سنسار جو مڪتي ڏيندڙ آهي.“


آءٌ اها جيوت روٽي آهيان جيڪا آڪاش مان پرگھٽ ٿي آهي. جيڪڏهن ڪو هن روٽيءَ مان کائيندو تہ اهو هميشہ جيوت رهندو. جيڪا روٽي آءٌ ڏيندس سا منهنجو ماس آهي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن هن سنسار کي جيون ملي.“


هاڻ جيڪو بہ هن تي وشواس آڻي ٿو سو ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو، جڏهن تہ موسيٰ جي نيم جي وسيلي هو سچار بڻجي نہ سگھي ها.


پوِتر شاستر جو جيڪو حصو انهيءَ پڙهيو پئي سو هي هو تہ ”هو هڪڙي رڍ وانگر آهي، جنهن کي ڪهڻ لاءِ وٺي ويا، ۽ جهڙيءَ طرح ڪو گھيٽڙو پنهنجي اُنَ ڪترڻ واري جي اڳيان گونگو ٿي بيهندو آهي، تهڙيءَ طرح هن بہ ٻڙڪ نہ ڪڇي.


جيڪا خوشخبري مون کي ملي، تنهن کي سڀ کان اهم سمجھي اوهان تائين پهچايم. اها هيءَ آهي تہ مسيح پوِتر شاستر مطابق اسان جي پاپن جي واسطي پنهنجي جان ڏني.


مسيح جيڪو پاپ کان پوِتر هو، تنهن کي ايشور اسان جي واسطي پاپ جو ٻليدان مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان ايشور جي سچائي ظاهر ٿئي.


مسيح اسان جي پاپن جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، تہ جيئن هو ايشور اسان جي پتا جي مرضيءَ موجب اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني کان بچائي.


هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي نيم تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو سوليءَ تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


هن سڀني ماڻهن جي مڪتيءَ لاءِ پنهنجو پاڻ کي عيوضي طور ڏيئي ڇڏيو. مسيح جو اهو ٻليدان هڪ شاهدي آهي جيڪا مناسب وقت تي ڏني ويئي.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پوِتر ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


اهو پٽ ايشور جي جوت جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي شڪتيءَ واري وچن سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي پاپن کان ڌوئي پوِتر ڪرڻ بعد مٿي آڪاش تي مهان ايشور جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


تنهنڪري اهو لازمي هو تہ هو پاڻ بہ هر طرح پنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جي سيوا ڪرڻ ۾ هو اهڙو سردار ڪاهن ٿئي، جيڪو ديالو ۽ وفادار هجي ۽ ماڻهن جي پاپن جو ڪفارو ادا ڪري سگھي.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي پاپن کي کڻي وڃڻ لاءِ ٻليدان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ پاپن لاءِ ٻليدان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي مڪتي ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.


پر هڪ بي‌عيب ۽ بي‌داغ گھيٽڙي، يعني مسيح جي قيمتي رت سان اوهان کي ڇڏايو ويو.


هو پاڻ اسان جا پاپ پنهنجي شرير تي کڻي سوليءَ تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پاپن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيوت رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن پاپن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي ايشور تائين پهچائي. هو هن پاپي سنسار جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر آتمڪ طور وري جيوت ڪيو ويو.


اهو ئي اسان جي پاپن جو ڪفارو ڏيڻ وارو ٻليدان آهي، نہ رڳو اسان جي، بلڪ سڄي سنسار جي پاپن جو ڪفارو پڻ.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ مسيح انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن پاپن کي کڻي وڃي ۽ هو ئي آهي جنهن ۾ پاپ آهي ئي ڪونہ.


پيار اهو نہ آهي تہ اسين ايشور سان پيار ڪريون ٿا، پر هي آهي تہ ايشور اسان سان پيار ڪندي پنهنجي پٽ کي اسان جي پاپن جو ڪفارو ڏيڻ واري ٻليدان طور موڪليو.


۽ يسوع مسيح وٽان بہ، جيڪو سچو شاهد، مئلن مان جيوت ٿي اٿڻ وارن ۾ پهريتو ۽ ڌرتيءَ جي راجائن تي حڪم هلائيندڙ آهي. يسوع مسيح، جيڪو اسان سان پيار ٿو ڪري، جنهن پنهنجو رت وهائي اسان کي پاپن کان مڪتي ڏني آهي


اسان جا ڀائر ڀينر گھيٽڙي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪري مٿس حاوي پيا. هنن مرڻ گھڙيءَ تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ ڪيو.


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان اڳيان سيس نوائيندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


پوءِ مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ گھيٽڙو صيئون جبل تي بيٺو آهي! ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي هن جو ۽ سندس پتا جو نالو لکيل آهي.


تن کي ايشور جي ڏمر جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اها مئي جيڪا هن پنهنجي ڏمر جي پيالي ۾ بنا ڪنهن ملاوٽ جي وڌي آهي. انهن سڀني کي پوِتر دوتن ۽ گھيٽڙي جي اڳيان باهہ ۽ گندرف جو ايذاءُ ڏنو ويندو.


اهي ڪنوارن جيان پاڻ کي پوِتر رکندي گھيٽڙي جي ئي پٺيان هلن پيا. جيڏانهن هو وڃي ٿو، اوڏانهن اهي بہ وڃن ٿا. انهن کي گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انسانن مان خريد ڪيو آهي، تہ جيئن ايشور ۽ گھيٽڙي جو پهريون ڦل ٿين.


اهي ايشور جي داس موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا راجا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!


اهي گھيٽڙي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽڙو مٿن حاوي پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو پرڀوئن جو پرڀو ۽ راجائن جو راجا آهي. هن جا وفادار جن کي هن سڏي چونڊيو آهي، سي ساڻس گڏ هوندا.“


اچو تہ اسين خوش ٿيون ۽ خوشيون ملهايون ۽ سندس مهانتا ظاهر ڪريون، ڇاڪاڻ تہ گھيٽڙي جي شاديءَ جو ڏينهن اچي پهتو آهي ۽ سندس ڪنوار بہ پاڻ کي تيار ڪيو آهي.


ان کان پوءِ دوت مون کي چيو تہ ”هي لکي ڇڏ تہ سڀاڳا آهن اهي، جن کي گھيٽڙي جي شاديءَ جي دعوت ملي آهي.“ هن هي بہ چيو تہ ”هي ايشور جا سچا لفظ آهن.“


انهيءَ شهر جو ڪوٽ ٻارهن بنيادي پٿرن تي اڏيل هو ۽ هر هڪ پٿر تي گھيٽڙي جي ٻارهن سنتن مان هڪ هڪ جو نالو لکيل هو.


انهيءَ شهر ۾ ڪابہ اپوِتر شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي.


پوءِ اهي ست دوت جن جي ستن پيالن مان آخري ست آفتون نڪتيون هيون، تن مان هڪڙي اچي مون کي چيو تہ ”هيڏانهن اچ تہ آءٌ تو کي ڪنوار ڏيکاريان، جيڪا گھيٽڙي جي پتني آهي.“


پوءِ مون چئن ساهوارن ۽ انهن مهاتمائن جي وچ ۾ رکيل انهيءَ تخت وٽ هڪڙو گھيٽڙو بيٺل ڏٺو. ائين ٿي لڳو تہ هن کي ڪُٺو ويو هجي. انهيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون. اهي اکيون ايشور جون ست آتمائون آهن جيڪي سڄي ڌرتيءَ تي موڪليون ويون آهن.


جڏهن هن اهو ويڙهوٽو ورتو تہ اهي چارئي ساهوارا ۽ چوويهہ مهاتما انهيءَ گھيٽڙي جي پيرن تي ڪري پيا. انهن مهاتمائن مان هر هڪ جي هٿن ۾ هڪڙي ستارَ ۽ لوبان سان ڀريل سونو پيالو هو. اهو لوبان مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جون پرارٿنائون هيون.


پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن گھيٽڙي انهن ستن مُهرن مان هڪ کي ٽوڙيو، تڏهن انهن چئن ساهوارن مان هڪڙي کي گجگوڙ جهڙي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”اچ.“


اهي جبلن ۽ ڇِپن کي منٿون ڪرڻ لڳا تہ ”اسان تي ڪري پئو تہ جيئن تخت تي ويٺل هستيءَ جي نظر کان ۽ گھيٽڙي جي ڏمر کان اسين لڪي وڃون،


مون جواب ڏنو تہ ”اي منهنجا سوامي! اوهين ئي ڄاڻو ٿا.“ هن مون کي چيو تہ ”هي اهي آهن جيڪي ستائجڻ واري تڪليف مان نڪري آيا آهن. انهن پنهنجا جبا گھيٽڙي جي رت ۾ ڌوئي پوِتر ڪري اڇا ڪيا آهن.


اهو انهيءَ جي ڪري ٿيندو جو گھيٽڙو جيڪو تخت جي وچ ۾ آهي، سو هنن جو ڌنار هوندو ۽ کين امرت‌جل جي چشمن وٽ وٺي ويندو ۽ ايشور سندن اکين جا سڀ ڳوڙها اُگھي ڇڏيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ