Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوحنا 1:17 - Hindu Sindhi Bible

17 ايشور جو نيم موسيٰ جي معرفت مليو، جڏهن تہ ڪرپا ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ڇالاءِ تہ شريعت موسيٰ جي معرفت ملي؛ پر فضل ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، جڏهن تہ فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، پر فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت مليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوحنا 1:17
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو وچن انساني روپ ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جوت ڏٺي، جيڪا هن کي پتا جي هڪڙي ئي پٽ هئڻ ڪري ملي ۽ هو ڪرپا ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


يسوع کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ جيون آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پتا تائين پهچي نہ ٿو سگھي.


تنهن تي پلاطس پڇيس تہ ”پوءِ ڇا تون راجا آهين؟“ يسوع وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ. آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ هن سنسار ۾ آيس تہ سچ جي شاهدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آهي سو منهنجي ٻڌي ٿو.“


اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ پتا وٽ اوهان جي شڪايت ڪندس. اوهان جي شڪايت ڪرڻ وارو موسيٰ ئي آهي جنهن تي اوهان جو آسرو آهي.


ڇا موسيٰ اوهان کي نيم نہ ڏنو هو؟ تڏهن بہ اوهان مان ڪو انهيءَ نيم تي عمل نہ ٿو ڪري. اوهين مون کي مارڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“


پوءِ اوهان کي سچ جي ڄاڻ پوندي ۽ اهو سچ اوهان کي آزاد ڪندو.“


اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور موسيٰ سان ڳالهايو هو، پر انهيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ سڌ نہ آهي تہ هو ڪٿان آيو آهي.“


پوءِ انهن پولس سان هڪڙو ڏينهن مقرر ڪيو ۽ ان ڏينهن تي سندن وڏو تعداد انهيءَ جاءِ تي اچي ڪٺو ٿيو، جتي هو رهيل هو. صبح کان شام تائين ايشور جي راڄ بابت سمجھائيندي پولس کين اُپديش ڏيندو رهيو، جنهن ۾ يسوع بابت کين مڃائڻ لاءِ موسيٰ جي نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن مان کين مثال ٻڌائيندو رهيو.


هي اهو ئي آهي، جنهن بيابان ۾ سڄي بني اسرائيل کي آڻي گڏ ڪيو. اتي هو اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهيءَ دوت جو وچ وارو بڻيو، جنهن ساڻس سينا جبل تي ڳالهايو هو. هي اهو ئي آهي جنهن کي جيون ڏيندڙ وچن مليو، انهيءَ لاءِ تہ اهو اسان تائين پهچائي.


سو اڳتي پاپ جو اوهان تي ڪوبہ اختيار نہ رهندو، ڇو تہ هاڻي اوهين نيم جي وس هيٺ نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا جي وس هيٺ آهيو.


ڏسو، ايشور جا جيترا بہ وچن آهن، سي سڀ مسيح ۾ ”ها“ ئي آهن. انهيءَ سبب اسان جي پرچار جي ڪري مسيح جي وسيلي ماڻهو ايشور کي ”آمين“ چئي سندس مهما ڪن ٿا.


منهنجو مطلب هي آهي تہ جنهن ٻڌل وچن جي ايشور پهريائين ئي تصديق ڪئي هئي تنهن کي موسيٰ جو نيم، جيڪو چار سؤ ٽيهن سالن کان پوءِ آيو، سو ڪوڙو ڪري نہ ٿو سگھي، نہ تہ ايشور جو وچن بيڪار ٿي وڃي ها.


حقيقت ۾ نيم موجب تقريباً هر شيءِ کي رت سان ئي پوِتر ڪيو وڃي ٿو ۽ جيستائين رت نہ ٿو وهايو وڃي تيستائين معافي بہ نہ ٿي ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ