Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 5:5 - Hindu Sindhi Bible

5 اوهان ڌرتيءَ تي عيش عشرت ۾ گذاريو آهي ۽ موجون ماڻيون اٿوَ. حقيقت ۾ اوهان پاڻ کي ڪوس واري ڏينهن لاءِ ٿلهو متارو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 اوهين زمين تي عيش عشرت ۾ رهيا آهيو، ۽ موجون ماڻيون اٿوَ؛ قتلام جي ڏينهن لاءِ اوهان پنهنجين دلين کي تازو توانو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اوهان زمين تي عيش عشرت ۾ گذاريو آهي ۽ موجون ماڻيون اٿوَ. حقيقت ۾ اوهان پاڻ کي ڪوس واري ڏينهن لاءِ ٿلهو متارو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 اوھين زمين تي عيش عشرت ۾ رھيا آھيو ۽ موجون ماڻيون اٿوَ. درحقيقت اوھان پاڻ کي ڪوس واري ڏينھن لاءِ ٿلھو متارو ڪيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 5:5
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن زماني ۾ هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هوندو هو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پهريندو هو ۽ روزانو طرح طرح جا طعام کائي موجون ماڻيندو هو.


پر ابرهام چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنهنجي جيون ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل هيون، پر لعزر کي خراب شيون. هاڻي هو هتي مزن ۾ آهي ۽ تون عذاب ۾ آهين.


اهڙيءَ طرح سهڻي ڍنگ سان هلون جيئن ڏينهن جو هلبو آهي. سو اوهين نہ نشي ۾ مست ٿي بداخلاقيءَ ۾، نہ زناڪاريءَ ۽ شهوت‌پرستيءَ ۾ ۽ نہ وري جھيڙي ۽ ساڙ ۾ هلو.


پر جيڪا وڌوا عيش عشرت ۾ ٿي گذاري، سا جيوت ئي مئل آهي.


اهي دغاباز، اُٻهرا، وڏائيءَ ۾ ڦونڊيل ۽ ايشور جي بدران عيش عشرت جا ڳولائو هوندا.


مطلب تہ جيڪو نقصان هو ٻين کي رسائين ٿا، تنهن جي بدلي ۾ کين نقصان رسايو ويندو. اهي کلي عام عياشي ڪندي خوش ٿا ٿين. اهي اوهان سان گڏ کائيندي پيئندي پنهنجين دغابازين سان عيش عشرت پيا ڪن. ائين اهي ماڻهو اوهان ۾ داغ ۽ عيب آهن.


هي ماڻهو اوهان جي پريم وارين رسوئيءَ جي گڏجاڻين لاءِ نقصانڪار آهن، جيڪي بنا ڪنهن جي پرواهہ ڪرڻ جي رڳو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِهي بنا پاڻيءَ وارا ڪڪر آهن، جن کي هوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِهي سرءُ جا سڪل وڻ آهن جيڪي ٻنهي لحاظن کان مئل آهن، يعني بي‌ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آهن.


جيتري قدر انهيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوهين کيس ايذاءَ ڏيو ۽ سوڳ ۾ وجھو، ڇاڪاڻ تہ بابل جي وسندي پنهنجي دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻيءَ جي حيثيت ۾ تخت تي ويٺي آهيان. آءٌ وڌوا نہ آهيان، ۽ ڪڏهن بہ سوڳ نہ ڪنديس.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ