Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 5:15 - Hindu Sindhi Bible

15 اهڙي پرارٿنا جيڪا وشواس سان ڪئي ويندي، سا بيمار کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندي ۽ پرميشور انهيءَ کي اٿاري کڙو ڪندو. جيڪڏهن هن پاپ ڪيا هوندا تہ کيس انهن جي بہ معافي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ جا دعا ايمان سان گهُربي، سا بيمار کي بچائيندي، ۽ خداوند انهي کي اُٿاري کڙو ڪندو؛ ۽ جيڪڏهن هن گناهہ ڪيا هوندا تہ انهن جي معافي ملنديس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 اهڙي دعا جيڪا ايمان سان گھري ويندي، سا بيمار کي شفا ڏيندي ۽ خداوند خدا انهيءَ کي اٿاري کڙو ڪندو. جيڪڏهن هن گناهہ ڪيا هوندا تہ کيس انهن جي بہ معافي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 اھڙي دعا جيڪا ايمان سان گھري ويندي، سا بيمار کي شفا ڏيندي ۽ خداوند انھيءَ کي اٿاري کڙو ڪندو. جيڪڏھن ھن گناھہ ڪيا ھوندا تہ کيس انھن جي بہ معافي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 5:15
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع وراڻين تہ ”اوهين اهو ڀوت انهيءَ ڪري نہ ڪڍي سگھيا جو اوهان ۾ ايترو وشواس ڪونہ هو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان ۾ سرنهن جي داڻي جيترو بہ وشواس هوندو تہ اوهين هن جبل کي چئي سگھو ٿا تہ ’هتان هلي هُتي وڃ‘ تہ هو ويندو. اوهان لاءِ ڪابہ شيءِ اڻ‌ٿيڻي نہ آهي.“


ٿوري وقت کان پوءِ يسوع انهيءَ ماڻهوءَ کي هيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آهين، سو وري پاپ نہ ڪجانءِ، متان هن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“


جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن جي مرضي اها آهي تہ جيڪي بہ هن مون کي ڏنا آهن تن مان هڪ بہ نہ وڃايان، بلڪ انتم ڏينهن تي انهن سڀني کي وري جيوت ڪري اٿاريان.


ايشور پنهنجي ڏاهپ سان ماڻهن لاءِ اهو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ هو پنهنجي ذاتي ڏاهپ سان کيس سڃاڻين. تنهن هوندي بہ ايشور جي مرضي ٿي تہ هو انهن کي بچائي جيڪي اسان جي سنديش وسيلي وشواس آڻين، جيتوڻيڪ اهو سنديش سنسار جي نظر ۾ مورکتا آهي.


ڇاڪاڻ تہ اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور جنهن پرڀو يسوع مسيح کي مئلن مان جيوت ڪيو آهي، سو يسوع سان گڏ هجڻ ڪري اوهان سميت اسان کي بہ جيوت ڪري پاڻ وٽ حاضر ڪندو.


پر جڏهن هو کانئس گھري تہ مٿس وشواس رکي گھري ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي انهيءَ ڇوليءَ وانگر آهي، جيڪا هوا سان ڌِڪجي ۽ اڇلجي ٿي.


جيڪڏهن اوهان مان ڪو ماڻهو تڪليف ۾ آهي تہ انهيءَ کي پرارٿنا ڪرڻ کپي. جيڪڏهن ڪو خوش آهي تہ انهيءَ کي مهما جا ڀڄن ڳائڻ گھرجن.


تنهنڪري پنهنجا پاپ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ پرارٿنا ڪريو تہ جيئن ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي پرارٿنا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.


تڏهن اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ اهو جيڪو ڪنهن پاپيءَ کي ڀَٽڪڻ کان موٽائي راهہ تي ٿو آڻي، سو هن کي موت کان بچائيندو ۽ سندس گھڻن پاپن جي معافيءَ جو سبب بڻبو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ