Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 5:10 - Hindu Sindhi Bible

10 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنتن کي تڪليفن سهڻ ۽ ڌيرج ڪرڻ جو نمونو ڪري سمجھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 اي ڀائرو، جن نبين خداوند جي نالي ڪلام ڪيو، تن جي ڏک سهڻ ۽ صبر جي نموني تي هلو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خدا جو پيغام ٻڌائيندڙ نبين کي تڪليفن سهڻ ۽ صبر ڪرڻ جو نمونو ڪري سمجھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! انھن نبين کي ڏک سھڻ ۽ صبر ڪرڻ جو نمونو ڪري سمجھو، جن خداوند جي نالي تي ڪلام ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 5:10
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يروشلم! اي يروشلم! تون سنديش ڏيندڙ سنتن جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي سنديش ڏيندڙ تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو.


انهيءَ ڏينهن اوهين سرها ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو ايشور وٽ اوهان لاءِ وڏو لاڀ آهي. ڏسو، انهن ماڻهن جي ابن ڏاڏن بہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنتن سان اهڙا ئي پير کنيا هئا.


هو تيستائين ضرور آڪاش تي رهندو، جيستائين سڀني ڳالهين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينهن اچن، جن بابت ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ پوِتر سنتن جي معرفت گھڻو اڳي چيو هو.


ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو ڪهڙو سنت هو جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ هنن انهن کي بہ مارايو، جن انهيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ هاڻي اوهان پاڻ انهيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آهي.


اوهين پنهنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوهان کي مسيح بابت ايشور جو سنديش ٻڌايو. انهن پنهنجو جيون جيڪو ڀلائي ڪندي گذاريو، تنهن تي ويچار ڪريو ۽ انهن جي وشواس جي نموني موجب هلو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي تي تهمت نہ هڻو. جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي خلاف ٿو ڳالهائي يا مٿس ڪا تهمت ٿو هڻي، سو ايشور جي نيم جي خلاف ٿو ڳالهائي ۽ ان تي تهمت ٿو هڻي. هاڻي جڏهن اوهين ايشور جي نيم تي تهمت ٿا هڻو تڏهن اوهين ان تي عمل ڪرڻ وارا نہ، بلڪ انهيءَ مٿان عدالت ڪرڻ وارا بڻجي ويٺا آهيو.


جيڪڏهن اوهان مان ڪو ماڻهو تڪليف ۾ آهي تہ انهيءَ کي پرارٿنا ڪرڻ کپي. جيڪڏهن ڪو خوش آهي تہ انهيءَ کي مهما جا ڀڄن ڳائڻ گھرجن.


تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پرڀو يسوع جي اچڻ تائين ڌيرج ڪريو. ڏسو، هاري زمين جي قيمتي پيدائش لاءِ ڪيڏو نہ انتظار ٿو ڪري. هو آڳاٽي ۽ پاڇاٽي مينهن پوڻ تائين ڌيرج ٿو ڪري.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان اوهان کي پاپي قرار ڏنو وڃي. ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ