Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 4:17 - Hindu Sindhi Bible

17 مطلب تہ جيڪو ماڻهو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو پر ڪري نہ ٿو تہ اهو سندس پاپ ليکيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 تنهنڪري جيڪو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ نٿو ڪري، تنهن جي لاءِ اهو گناهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 مطلب تہ جيڪو ماڻهو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو پر ڪري نہ ٿو تہ اهو سندس گناهہ ليکيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 تنھنڪري جيڪو ماڻھو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو پر ڪري نہ ٿو، انھيءَ جي لاءِ اھو گناھہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 4:17
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جيڪڏهن اوهين اهي ڳالهيون سمجھي انهن تي عمل ڪندا تہ ڪيڏا نہ سڀاڳا ٿيندا.“


جيڪڏهن آءٌ نہ اچان ها ۽ کين اهي ڳالهيون نہ ٻڌايان ها تہ انهن کي پاپي قرار نہ ڏنو وڃي ها. پر هاڻي کين پنهنجن پاپن لاءِ ڪوبہ بهانو نہ آهي.


يسوع کين چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين انڌا هجو ها تہ اوهان جو ڪو ڏوهہ نہ هجي ها. پر هاڻي تہ اوهين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ڏسون ٿا،‘ سو اوهان جو ڏوهہ ثابت آهي.“


جيتوڻيڪ اهي ايشور جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا.


تہ پوءِ انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ جيڪا چڱي شيءِ آهي، تنهن مون کي ماريو؟ نہ، بلڪل نہ. پر اهو پاپ جو ڪم هو جنهن هڪ چڱيءَ شيءِ جو سهارو وٺي مون لاءِ موت پيدا ڪيو، تہ جيئن ان جي فطرت ظاهر ٿئي. انهيءَ طرح نيم وارن حڪمن جي وسيلي پاپ جي بڇڙائي حد کان وڌيڪ پڌري ٿئي ٿي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انهن سچائيءَ جي واٽ کي ڄاتو تہ سهي پر انهيءَ واٽ تي هلڻ واري پوِتر حڪم کان ڦري ويا، جيڪو کين سونپيو ويو هو. سو انهن لاءِ سٺو ٿئي ها جو اهي ان واٽ کي ڄاڻن ئي نہ ها.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ