Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 3:10 - Hindu Sindhi Bible

10 ڏسو، ساڳئي ئي وات مان پرارٿنا بہ ٿي نڪري ۽ سراپ بہ. اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ائين ٿيڻ نہ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ ساڳئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري. اي منهنجا ڀائرو، ائين ٿيڻ نہ گهرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ڏسو، ساڳئي ئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري ۽ پاراتو بہ. اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ائين ٿيڻ نہ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 سو ساڳئي ئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري ۽ پاراتو بہ. اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ائين ٿيڻ نہ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 3:10
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي اوهان کي ستائين ٿا تن لاءِ پرارٿنا ڪريو. هائو، پرارٿنا ڪريو پر کين سراپ نہ ڏيو.


جيئن تہ اوهان ۾ ساڙ ۽ جھيڙو جھڳڙو آهي، سو اوهين اڃا سنساري ماڻهن وانگر آهيو. هائو، اوهين شرير جي لحاظ کان جيون گذاريو ٿا.


انهيءَ کان علاوہ اهي گھر گھر وڃي اجايو وقت وڃائڻ جون عادي بڻجن ٿيون. نہ رڳو اجايو وقت وڃائڻ بلڪ اجائي بڪ بڪ ڪن ٿيون ۽ ٻين جي ڪمن ۾ دخل ڏيندي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿيون، جيڪي ڪرڻ نہ گھرجن.


اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو.


اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اها ڳالهہ ياد رکو تہ هر هڪ ماڻهو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالهائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي،


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان مان گھڻا سکيا ڏيندڙ ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي سکيا ڏيندڙ آهيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ڪئي ويندي.


ڇا چشمي جي هڪڙي ئي منهن مان مٺو ۽ کارو پاڻي نڪري ٿو؟


جنهن زبان سان اسين پتا پرميشور جي مهما ٿا ڪريون تنهن سان ئي ماڻهن کي سراپ ٿا ڏيون، جيڪي ايشور جي روپ تي پيدا ٿيل آهن.


بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدلي گار نہ ڏيو، اٽلندو آسيس ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ايشور اوهان کي آسيس جا وارث ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ