Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 2:9 - Hindu Sindhi Bible

9 پر جيڪڏهن ٻِہ‌اکيائي ٿا ڪريو تہ انهيءَ حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري اوهين پاپ ٿا ڪريو. تنهن تي ايشور جو نيم اوهان کي پاپي قرار ٿو ڏئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 پر جيڪڏهن ماڻهن جي پاسخاطري ٿا ڪريو تہ گناهہ ٿا ڪريو، ۽ شريعت اوهان کي ڏوهاري ٿي ٺهرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پر جيڪڏهن ٻِہ‌اکيائي ٿا ڪريو تہ انهيءَ حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري اوهين گناهہ ٿا ڪريو. تنهن تي شريعت اوهان کي گنهگار قرار ٿي ڏئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 پر جيڪڏھن اوھين طرفداري ٿا ڪريو تہ گناھہ ٿا ڪريو ۽ شريعت اوھان کي ڏوھاري ثابت ڪري ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 2:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن هو ايندو تڏهن ظاهر ڪندو تہ سڄو سنسار پاپ، سچائيءَ ۽ عدالت جي باري ۾ ڪيڏو نہ ڀَٽڪيل آهي،


اوهان مان ڪو اهڙو آهي جيڪو ثابت ڪري تہ مون ڪو پاپ ڪيو آهي؟ جيڪڏهن آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو نہ ٿا يقين ڪريو؟


جڏهن نيم شاسترين ۽ فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن انهن مان پهريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا هڪڙو هڪڙو ٿي هليا ويا. پوءِ رڳو يسوع وڃي رهيو ۽ اها ناري بيٺي رهي.


پوءِ پطرس هيئن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ آهي تہ ايشور ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري،


مطلب تہ نيم جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻهو ايشور ڏانهن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. نيم جي وسيلي تہ رڳو کيس پاپن جي سڌ پوي ٿي.


پر جيڪڏهن سڀيئي ايشور جو سنديش ٻڌائيندا هجن ۽ ڪو غير وشواسي يا اوپرو ماڻهو اندر لنگھي اچي تہ اوهان جو سنديش ٻڌي مڃي وٺندو تہ هو پاپي آهي، ائين هو پاڻ کي پرکي وٺندو.


جيئن تہ نيم جي وسيلي آءٌ پاپي قرار ڏنو ويو آهيان، سو نيم جي نسبت ۾ آءٌ مري ويو آهيان، تہ جيئن ايشور جي نسبت ۾ جيوت رهان.


جيڪو بہ پاپ ڪري ٿو سو ايشور جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري. هائو، پاپ ايشور جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ئي آهي.


هو انهيءَ لاءِ ايندو تہ جيئن سڀني ماڻهن جي عدالت ڪري ۽ انهن سڀني کي پاپي قرار ڏئي، جن بي‌ڌرميءَ جو طريقو اختيار ڪري بي‌ڌرميءَ وارا ڪم ڪيا آهن. هو انهن سڀني سخت ڳالهين لاءِ بہ هنن بي‌ڌرمي پاپين کي ڏوهاري قرار ڏيندو، جيڪي سندس برخلاف ڪيون اٿائون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ