Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 2:7 - Hindu Sindhi Bible

7 ڇا هو اهي ئي نہ آهن، جيڪي انهيءَ مانواري نالي يسوع بابت نندا ٿا ڪن، جنهن جا اوهين سڏيا ٿا وڃو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 جنهن عزت واري نالي سان اوهين سڏبا آهيو، تنهن جي نسبت ۾ هو ڪفر نٿا بڪن ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ڇا هو اهي ئي نہ آهن، جيڪي انهيءَ عزت واري نالي عيسيٰ بابت ڪفر ٿا بڪن، جنهن جا اوهين سڏيا ٿا وڃو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 ڇا ھو اھي ئي نہ آھن، جيڪي انھيءَ عزت واري نالي بابت ڪفر ٿا بڪن، جنھن سان اوھين سڏيا ٿا وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 2:7
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“ جنهن جي معنيٰ آهي ”ايشور اسان سان.“


جڏهن فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چوڻ لڳا تہ ”ائين نہ آهي، بلڪ هو ڀوتن جي سردار بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“


۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيوت هو تہ چوندو هو تہ ’آءٌ ٽن ڏينهن کان پوءِ وري جيوت ٿي اٿندس.‘


جڏهن هن کي ڳولي لڌائين، تڏهن کيس انطاڪيا ۾ وٺي آيو. هو ٻيئي هڪ سال تائين وشواسي منڊليءَ جي ماڻهن سان ملندا رهيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي سکيا ڏنائون. اهو انطاڪيا ۾ ئي ٿيو جو وشواسي پهريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.


انهيءَ لاءِ تہ آدم جو باقي اولاد يعني سموريون قومون جيڪي منهنجيون ٿيون سڏجن، سي مون پرميشور جون ڳولائو ٿين.


يهودين جي سڀني ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ گھڻا ئي دفعا انهن کي سزا ڏياري زوريءَ کانئن يسوع مسيح جي نندا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس، بلڪ انهن جي خلاف اهڙو تہ ڇتو ٿي لڳو هئس جو ٻاهرين شهرن ۾ بہ وڃي کين ستائيندو هئس.“


ڪنهن بہ ٻئي جي هٿ ۾ مڪتي نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي جنهن جي وسيلي اسان کي مڪتي ملي.“


جيتوڻيڪ آءٌ اڳي يسوع مسيح جي نندا ڪندڙ ۽ سندس شان ۾ گھٽ وڌ ڳالهائيندڙ هئس ۽ وشواسين کي ستائيندو هئس، تنهن هوندي بہ ايشور مون تي ديا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو وشواس نہ آڻڻ جي حالت ۾ اڻ‌ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسيح جو هئڻ سبب تڪليف سهي تہ شرمسار نہ ٿئي، بلڪ انهيءَ نالي جي ڪري ايشور جي مهما ڪندو رهي.


هن جي پوشاڪ رت سان ڀريل آهي ۽ سندس سڃاڻپ ”ايشور جو وچن“ آهي.


هن جي پوشاڪ تي ران وٽ سندس هي لقب لکيل آهي: ”راجائن جو راجا ۽ پرڀوئن جو پرڀو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ