Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 2:6 - Hindu Sindhi Bible

6 پوءِ ڇو اوهين غريبن جو اپمان ٿا ڪريو؟ اوهان تي ظلم ڪرڻ وارا تہ دولتمند آهن. ڇا اهي اوهان کي ڪورٽ ۾ گهلي وٺي نہ ٿا وڃن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر اوهان انهي غريب ماڻهوءَ کي بي آبرو ڪيو آهي. دولتمند اوهان تي ظلم نٿا ڪن ڇا، ۽ اهي اوهان کي گهلي ڪچهريءَ ۾ نٿا وٺي وڃن ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ ڇو اوهين غريبن جي بي‌عزتي ٿا ڪريو؟ اوهان تي ظلم ڪرڻ وارا تہ دولتمند آهن. ڇا اهي اوهان کي ڪورٽ ۾ گهلي وٺي نہ ٿا وڃن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 پر اوھان غريبن کي بي⁠عزت ڪيو آھي. مگر ڇا دولتمند اوھان تي ظلم نہ ٿا ڪن؟ ڇا اھي اوھان کي ڪورٽ ۾ گھلي وٺي نہ ٿا وڃن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 2:6
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع وراڻيو تہ ”مون ۾ ڀوت ڪونهي. جڏهن تہ آءٌ جيڪو پنهنجي پتا جو مان مٿاهون ٿو ڪريان، تنهن جو اوهين اپمان ٿا ڪريو.


تنهن تي يهودين انطاڪيا شهر جي چڱن مڙسن ۽ ايشور ڀڳت مانوارين نارين کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس خلاف وڏو فساد کڙو ڪرايو. انهيءَ طرح کين پنهنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.


جڏهن اهي اتي نہ ملين تڏهن ياسون ۽ ڪن ٻين وشواسين کي گهلي شهر جي عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻهن سڄي سنسار ۾ گڙٻڙ مچائي آهي سي هتي بہ آيا آهن


پر جڏهن گَليو نالي هڪ شخص يونان جي صوبي اخيا جو گورنر بڻيو، تڏهن يهودين پاڻ ۾ گڏجي پولس تي حملو ڪيو ۽ کيس پڪڙي گورنر جي درٻار ۾ وٺي آيا.


سائول منڊليءَ کي تباهہ ڪندو رهيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي وشواسي مردن توڙي نارين کي گهلي جيل ۾ وجھرائيندو رهيو.


ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوهان کي پنهنجا گھر ڪونہ آهن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آهي تن کي شرمندو ڪري منڊليءَ کي ڇو ٿا نيچ سمجھو؟ آءٌ اوهان کي ڇا چوان؟ ڇا انهيءَ ڪري آءٌ اوهان جي ساراهہ ڪريان؟ نہ، هرگز نہ.


هاڻي جيڪڏهن اوهين شاندار پوشاڪ واري جو خاص لحاظ ڪري چئو تہ ”اوهين هِتي چڱيءَ جاءِ تي اچي ويهو،“ پر هن غريب ماڻهوءَ کي چئو تہ ”تون هُتي بيهہ،“ يا ”هِتي منهنجي پيرن وٽ اچي ويهہ،“


ڏسو، جن مزدورن اوهان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزدوري جيڪا اوهان ناانصافي ڪري رکي ڇڏي آهي، سا رڙيون ڪري پڪاري پيئي ۽ لاباري ڪرڻ وارن جون دانهون سروِشڪتيوان پرميشور جي ڪنن تائين وڃي پهتيون آهن.


اوهان بي‌ڏوهي ماڻهن کي ڏوهي قرار ڏيئي قتل ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪجھہ بہ ڪري نہ سگھيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ