Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 2:25 - Hindu Sindhi Bible

25 ساڳيءَ طرح راحب جيڪا وئشيا هئي، تنهن بہ جڏهن بني اسرائيل قوم جي موڪليل جاسوسن کي پاڻ وٽ رهايو ۽ شهر مان نڪرڻ جي ٻئي رستي کان روانو ڪري کين بچايو، تڏهن ڇا ايشور هن کي سندس انهيءَ عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ساڳيءَ طرح راحب ڪسبياڻي بہ عمل جي ڪري سچار نہ ٺهري ڇا، جو هن قاصدن کي پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ ٻئي رستي اُماڻي ڇڏيائينِ؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 ساڳيءَ طرح راحب جيڪا ڪسبياڻي هئي، تنهن بہ جڏهن بني اسرائيل قوم جي موڪليل جاسوسن کي پاڻ وٽ رهايو ۽ شهر مان نڪرڻ جي ٻئي رستي کان روانو ڪري کين بچايو، تڏهن ڇا خدا هن کي سندس انهيءَ عمل جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ڏنو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 ساڳي ئي طرح راحب جيڪا ڪسبياڻي ھئي، تنھن بہ جڏھن قاصدن کي پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ کين ٻئي رستي کان روانو ڪري ڇڏيو، تڏھن ڇا ھوءَ پنھنجن عملن جي ڪري سچار نہ بڻي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 2:25
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سلمون کي سندس پتنيءَ راحب مان بوعز پيدا ٿيو، بوعز کي سندس پتنيءَ رُوت مان عوبيد پيدا ٿيو ۽ عوبيد مان يسي پيدا ٿيو.


هاڻي اوهين ٻڌايو تہ هنن ٻنهي مان ڪنهن پنهنجي پتا جي مرضي پوري ڪئي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”وڏي.“ تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ وئشيائون ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ اوهان کان اڳي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿين ٿا.


۽ ياسون انهن کي پاڻ وٽ رهايو آهي. اهي سڀ قيصر جي حڪمن جي خلاف‌ورزي ڪندي چون ٿا تہ راجا ڪو ٻيو آهي، جنهن جو نالو يسوع آهي.“


وشواس جي ڪري ئي راحب وئشيا بچي ويئي جڏهن انهيءَ شهر جي نافرمانن کي ماريو ويو، ڇاڪاڻ تہ هن بني اسرائيل قوم جي جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو هو.


پر ٿي سگھي ٿو ڪو ماڻهو ائين چوي تہ ”ڪن وٽ وشواس آهي ۽ ڪن وٽ عمل بہ آهي.“ چڱو ڀلا، آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ کي چوان ٿو تہ ”تون عمل کان سواءِ مون کي پنهنجو وشواس ڏيکار ۽ آءٌ پنهنجي عمل سان تو کي پنهنجو وشواس ڏيکاريندس.


هاڻي اوهين سمجھي ٿا سگھو تہ ابرهام جي وشواس سندس عمل سان گڏجي ڪم ٿي ڪيو ۽ عمل جي ڪري ئي سندس وشواس ڪامل قرار ڏنو ويو.


سو اوهين ڏسي ٿا سگھو تہ ايشور انسان کي رڳو وشواس جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ٿو ڏئي، بلڪ ان سان گڏ عمل جو هجڻ لازمي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ