Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 2:23 - Hindu Sindhi Bible

23 اهڙيءَ طرح پوِتر شاستر جي اها ڳالهہ پوري ٿي تہ ”ابرهام ايشور تي وشواس آندو، تنهنڪري ايشور کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“ انهيءَ ڪري هو ايشور جو دوست سڏيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ جيڪي پاڪ لکيت ۾ چيل آهي سو پورو ٿيو تہ ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو ۽ اهو سندس حق ۾ راستبازي ليکيو ويو؛ ۽ هو خدا جو دوست سڏيو ويو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 اهڙيءَ طرح پاڪ ڪلام جي اها ڳالهہ پوري ٿي تہ ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو، تنهنڪري خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“ انهيءَ ڪري هو خدا جو دوست سڏيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 اھڙيءَ طرح پاڪ ڪلام جي اھا ڳالھہ پوري ٿي تہ ”ابراھيم خدا تي ايمان آندو ۽ اھو ايمان ھن لاءِ سچائي ليکيو ويو.“ انھيءَ ڪري ھو خدا جو دوست سڏيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 2:23
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ هي نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.


انهن ٻہ ٻيا بہ ماڻهو سوليءَ تي چاڙهيا جيڪي ڌاڙيل هئا، انهن مان هڪڙو سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو.


تڏهن هو کين چوڻ لڳو تہ ”اڄ اوهان جي ٻڌندي ئي هيءَ لکت پوري ٿي آهي.“


”اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! پوِتر شاستر جي انهيءَ لکت جو پورو ٿيڻ ضروري هو، جنهن ۾ پوِتر آتما دائود جي معرفت اڳي ئي يهوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو هو، جنهن يسوع کي پڪڙڻ وارن جي رهنمائي ڪئي.


ايشور پنهنجي انهيءَ قوم کي ڪيئن رد ڪندو، جنهن کي شروع کان ئي هن پنهنجو ٿي ڄاتو! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ پوِتر شاستر ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جي باري ۾ ڇا لکيل آهي؟ ايلياہ بني اسرائيل جي خلاف ايشور آڏو فرياد ڪندي چوي ٿو تہ


پوِتر شاستر ۾ بہ اهڙيءَ ئي طرح ايشور فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي راجا انهيءَ لاءِ بڻايو آهي تہ آءٌ تنهنجي ڪري پنهنجي شڪتي ظاهر ڪريان ۽ سنسار ۾ منهنجو نالو روشن ٿئي.“


پر پوِتر شاستر ظاهر ڪري ٿو تہ سڄو سنسار پاپ جي قبضي ۾ آهي. اهو انهيءَ لاءِ ظاهر ڪري ٿو تہ جيئن ان قبضي کان آزاديءَ وارو ايشور جو وچن يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ سان اسان ۾ پورو ٿئي.


پوِتر شاستر مان ابرهام جي مثال تي غور ڪريو، جنهن بابت لکيل آهي تہ ”هن ايشور تي وشواس آندو، تنهنڪري ايشور کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“


پوِتر شاستر جي هر لکت جو سرچشمو ايشور ئي آهي ۽ اها لکت حق سچ جي ڄاڻ ڏيڻ، ڇينڀڻ ۽ سڌارڻ ۽ سچائيءَ جي تربيت ڏيڻ لاءِ فائدي واري آهي.


سو اوهين ڏسي ٿا سگھو تہ ايشور انسان کي رڳو وشواس جي ڪري پاڻ ڏانهن سچار قرار نہ ٿو ڏئي، بلڪ ان سان گڏ عمل جو هجڻ لازمي آهي.


هن ڪري جو پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ هڪ پٿر رکان ٿو، جيڪو مخصوص، قيمتي ۽ پيڙهہ جو پٿر آهي. جيڪو ماڻهو انهيءَ تي وشواس آڻيندو، سو ڪڏهن بہ شرمندو نہ ٿيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ