Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 2:16 - Hindu Sindhi Bible

16 اهو ڏسي جيڪڏهن اوهان مان ڪو کيس چوي تہ ”شانتيءَ سان وڃي گذار، گرم ڪپڙا پاءِ ۽ کائي پي ڍءُ ڪر،“ پر کيس اهي شيون نہ ڏئي جيڪي سندس شرير لاءِ ضروري آهن، تہ پوءِ ائين چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ اوهان مان ڪو انهن کي چوي تہ سلامتيءَ سان وڃو، گرم رهو ۽ ڍاول ٿيو؛ پر جيڪي شيون بدن جي لاءِ ضروري آهن سي کين نہ ڏئي، تہ انهي مان ڪهڙو فائدو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اهو ڏسي جيڪڏهن اوهان مان ڪو کيس چوي تہ ”سلامتيءَ سان وڃي گذار، گرم ڪپڙا پاءِ ۽ کائي پي ڍءُ ڪر،“ پر کيس اهي شيون نہ ڏئي جيڪي سندس بدن لاءِ ضروري آهن، تہ پوءِ ائين چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 ھاڻي جيڪڏھن اوھان مان ڪو کيس چوي تہ ”سلامتيءَ سان وڃ، گرم ۽ ڍاول رھہ،“ پر کيس اھي شيون نہ ڏئي جيڪي سندس جسم لاءِ ضروري آھن، تہ پوءِ ائين چوڻ مان ڪھڙو فائدو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 2:16
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع پنهنجي چيلن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اهي بکيا هليا وڃن، ڇو تہ متان هي رستي تي ساڻا ٿي پون.“


ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ بکايل هئس تہ اوهان مون کي کارايو، آءٌ اڃايل هئس تہ اوهان مون کي پيئاريو، آءٌ پرديسي هئس تہ اوهان مون کي پنهنجي گھر ۾ رهايو،


آءٌ اگھاڙو هئس تہ اوهان مون کي ڪپڙا پهرايا، آءٌ بيمار هئس تہ اوهان منهنجي سار سنڀال ڪئي، آءٌ قيد ۾ هئس تہ اوهان منهنجي ملاقات ڪئي.‘


تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنهنجي وشواس تو کي ڇٽايو آهي، سو خوش ٿيءُ جو هاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“


پيار ۾ پاکنڊپائي نہ هئڻ گھرجي. اوهين بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو.


آءٌ اهو اوهان کي حڪم ڏيندي نہ ٿو چوان، پر انهيءَ لاءِ چوان ٿو تہ ٻين جي سرگرميءَ جو مثال ڏيندي اوهان جي پريم جي سچائيءَ کي آزمايان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ