Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يعقوب 1:10 - Hindu Sindhi Bible

10 جڏهن تہ دولتمند وشواسيءَ کي هيٺاهين درجي تي، ڇاڪاڻ تہ دولتمندي جھنگلي گل وانگر ڪومائجي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ دولتمند انهي تي فخر ڪري تہ هو ذليل ڪيو ويو آهي: ڇالاءِ تہ گاهہ جي گل وانگر هو ڪومائجي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن تہ دولتمند ايمان واري کي هيٺاهين درجي تي، ڇاڪاڻ تہ دولتمندي جھنگلي گل وانگر ڪومائجي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 پر دولتمند کي ھيٺاھين درجي تي فخر ڪرڻ گھرجي، ڇالاءِ⁠جو ھو گاھہ جي گل وانگر ڪومائجي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يعقوب 1:10
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جو راڄ انهن جو آهي.


ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ ايشور ائين پهرائي ٿو، تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي!


مطلب تہ سنسار جو ڪاروبار ڪرڻ وارا انهيءَ ۾ ئي مگن ٿي نہ وڃن، ڇاڪاڻ تہ هن سنسار جو موجودہ رنگ ڍنگ ختم ٿيڻ وارو آهي.


سچ تہ يسوع مسيح جيڪو منهنجو پرڀو آهي، تنهن کي ڄاڻڻ واري مهان خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ آءٌ هر هڪ شيءِ کي نقصان برابر ٿو سمجھان. هن جي خاطر مون سڀني شين تان هٿ کنيو آهي ۽ انهن کي گند ٿو سمجھان، تہ جيئن آءٌ مسيح کي حاصل ڪريان


جيڪي هم‌وشواسي هن انتم زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو ناس ٿيندڙ دولت تي نہ، پر انهيءَ ايشور تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.


ڏسو، اوهان کي تہ ايتري بہ سڌ ڪانهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوهان جو جيون آهي ئي ڇا؟ اوهين تہ هڪڙي ٻاڦ آهيو، جيڪا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي.


هن ڪري جو پوِتر شاستر چوي ٿو تہ ”هر انسان گاهہ مثل آهي، انهيءَ جو سمورو شان وَ شوڪت گاهہ جي گل وانگر آهي. گاهہ سڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪري ٿو پوي.


جڏهن تہ سنسار ۽ ان جون موهيندڙ شيون ناس ٿينديون ٿيون وڃن، پر جيڪو ايشور جي مرضيءَ موجب هلي ٿو سو هميشہ قائم رهي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ