Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 9:9 - Hindu Sindhi Bible

9 اهو خيمو هاڻوڪي زماني لاءِ هڪڙو مثال آهي، جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي تہ جيڪي ڀيٽائون ۽ ٻليدان ڏنا ويندا آهن، سي ڀڳتي ڪندڙ کي ضمير جي نسبت سان ڪامل ڪري نہ ٿا سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 اهو هاڻوڪي زماني جو هڪڙو مثال آهي، جنهن موجب اهڙا نذرانا ۽ اهڙيون قربانيون ڏنيون وينديون آهن، جي عبادت ڪندڙن جي دل کي ڪامل ڪري نہ سگهنديون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اهو خيمو هاڻوڪي زماني لاءِ هڪڙو مثال آهي، جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي تہ جيڪي نذرانا ۽ قربانيون ڏنيون وينديون آهن، سي عبادت ڪندڙ کي ضمير جي نسبت سان ڪامل ڪري نہ ٿيون سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 اھو ھاڻوڪي زماني لاءِ ھڪڙو مثال آھي، جنھن مان ظاھر ٿو ٿئي تہ جيڪي نذرانا ۽ قربانيون ڏنيون وينديون ھيون، سي عبادت ڪندڙ جي ضمير کي ڪامل ڪري نہ ٿيون سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 9:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏسو، آدم کان وٺي موسيٰ تائين سڀني ماڻهن تي موت جي حڪمراني هئي، جيتوڻيڪ انهن مان ڪن آدم جي نافرمانيءَ وانگر ايشور جي حڪم جي ڀڃڪڙي نہ ڪئي. انسانذات تي اثر جي لحاظ کان آدم مسيح وانگر آهي، جيڪو پوءِ اچڻ وارو هو.


تہ پوءِ نيم ايشور جي وچن کي رد ڪيو آهي ڇا؟ هرگز نہ. جيڪڏهن ڪو اهڙو نيم ڏنو وڃي ها جيڪو جيون ڏيئي سگھي ها تہ جيڪر سچائي نيم جي وسيلي ملي ها.


نيم موجب هر هڪ ڪاهن روزانو بيهي ڌرمي سيوا ٿو ڪري ۽ هر هر ساڳيا ئي ٻليدان ٿو چاڙهي، جيڪي ڪڏهن بہ پاپن کي مِٽائي نہ ٿا سگھن.


انهيءَ جو سبب هي هو جو هن سمجھيو ٿي تہ ايشور کي مئلن مان جيوت ڪرڻ جي بہ شڪتي آهي. سو اضحاق جي موت کان بچي وڃڻ جي باوجود ابرهام کيس مثالي طرح مئلن مان وري حاصل ڪيو.


ڏسو، هر ڪو سردار ڪاهن ماڻهن مان چونڊجي ايشور سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾ ماڻهن جي ئي نمائندگيءَ لاءِ انهيءَ ڪري مقرر ٿو ڪجي، تہ جيئن هو ڀيٽائون ۽ پاپن لاءِ ٻليدان پيش ڪري.


بني اسرائيل قوم وارا لاويءَ واري ڪاهنيءَ جي انتظام هيٺ نيم وارا ٿيا. سو جيڪڏهن انهيءَ ڪاهنيءَ جي وسيلي ماڻهو مڪمل طور ايشور لاءِ مخصوص ٿي وڃي ها، تہ پوءِ ٻئي ڪاهن جي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جيڪو پهرئين لاوي سردار ڪاهن هارون جي نہ، پر ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ليکيو ويو آهي.


جيڪڏهن هو اڃا ڌرتيءَ تي هجي ها تہ ڪڏهن بہ ڪاهن نہ ٿئي ها، ڇاڪاڻ تہ هتي ڪاهن موسيٰ جي نيم مطابق مقرر ٿي ڀيٽائون چاڙهيندا آهن.


اهو ئي سبب آهي جو مسيح انسان جي ٺاهيل انهيءَ پوِتر ترين جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جيڪا حقيقي پوِتر ترين جاءِ جو رڳو نقل هئي. پر هو آڪاش ۾ ئي داخل ٿيو، تہ جيئن هاڻي ايشور جي شرڻ ۾ اسان جي خاطر حاضر رهي.


اهو پاڻي انهيءَ بپتسما ڏانهن اشارو آهي، جيڪا هاڻي بہ اوهان کي بچائي ٿي. بپتسما مان مراد اها ناهي تہ شرير جي ميراڻ صاف ٿئي، پر اها آهي تہ نيڪ نيتيءَ سان ايشور سان وچن ڪجي. اها بپتسما يسوع مسيح جي وري جيوت ٿي اٿڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ