Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 9:7 - Hindu Sindhi Bible

7 پر ٻئي ڪمري ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو داخل ٿيندو هو. سو بہ انهيءَ رت کڻي وڃڻ کان سواءِ نہ ويندو هو، جيڪو هو پنهنجي ۽ پنهنجي قوم وارن جي اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪيل پاپن لاءِ ڀيٽا ڪري ڏيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پر ٻئي حصي ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو اڪيلو داخل ٿيندو آهي، ۽ پاڻ سان رت کڻي ويندو آهي، جو رت هو پنهنجي ۽ پنهنجيءَ اُمت جي خطائن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پر ٻئي ڪمري ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو داخل ٿيندو هو. سو بہ انهيءَ رت کڻي وڃڻ کان سواءِ نہ ويندو هو، جيڪو هو پنهنجي ۽ پنهنجي قوم وارن جي اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪيل گناهن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 پر اندرين ڪمري ۾ رڳو سردار ڪاھن سال ۾ فقط ھڪڙو ڀيرو داخل ٿيندو آھي. سو بہ انھيءَ رت کان سواءِ نہ ويندو آھي، جيڪو ھو پنھنجي ۽ پنھنجي قوم وارن جي اڻ⁠ڄاڻائيءَ وارن گناھن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 9:7
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙو جيون گذارڻ وارا عقل جا انڌا آهن. سندن دلين جي سختيءَ ۽ جهالت جي ڪري ايشور جي ڏنل جيون ۾ سندن ڪوبہ حصو ڪونہ آهي.


پر ان جي بدران اهي ٻليدان هر سال ماڻهن کي سندن پاپن جي ياد ڏيارين ٿا.


اها اميد اسان لاءِ سامونڊي جهاز جي مضبوط ۽ قائم رهندڙ لنگر مثل آهي، جيڪا پردي جي پٺيان پوِتر ترين جاءِ ۾ پهچي ٿي جتي ايشور رهي ٿو.


ٻين سردار ڪاهنن وانگر هو انهيءَ ڳالهہ جو محتاج نہ هجي جو هر روز پهريائين پنهنجي پاپن ۽ پوءِ قوم وارن جي پاپن واسطي ٻليدانَ پيش ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ماڻهن جي پاپن واسطي هڪڙي ئي ڀيري هميشہ لاءِ ٻليدان پيش ڪيو، جڏهن پاڻ کي ٻليدان ڪري ڇڏيائين.


پوِتر خيمي ۾ پردي جي پٺيان هڪ ٻيو ڪمرو هو، جنهن کي پوِتر ترين جاءِ سڏبو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ