Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 9:19 - Hindu Sindhi Bible

19 هائو، جڏهن موسيٰ ايشور جي نيم جو هر حڪم سڄي قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏهن هن گابن ۽ ٻڪرن جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، لال ڳاڙهي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان نيم واري شاستر ۽ سڄي قوم تي ڇٽڪاريندي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ڇالاءِ جو جڏهن موسيٰ ساريءَ اُمت کي شريعت جا سڀ حڪم ٻُڌائي رهيو، تڏهن هن وهڙن ۽ ٻڪرن جو رت، پاڻيءَ، ۽ قرمزي اُن، ۽ زوفا سان کڻي، انهي ڪتاب ۽ ساريءَ اُمت تي ڇٽڪاريو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 هائو، جڏهن موسيٰ شريعت جو هر حڪم سڄي قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏهن هن گابن ۽ ٻڪرن جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، لال ڳاڙهي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان شريعت جي ڪتاب ۽ سڄي قوم تي ڇٽڪاريندي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 جڏھن موسيٰ شريعت جو ھر حڪم ساريءَ قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏھن ھن گابن ۽ ٻڪرين جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، قرمزي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان شريعت جي ڪتاب ۽ ساريءَ قوم تي ڇٽڪاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 9:19
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن يسوع جا ڪپڙا لهرايا ۽ هڪڙو لال ڳاڙهو جبو ڍڪايائونس.


انهن يسوع کي واڱڻائي رنگ جو جبو ڍڪايو ۽ ڪنڊن جو هڪڙو تاج ٺاهي مٿي تي رکيائونس.


جڏهن هو ٺٺوليون ڪري چڪا تڏهن واڱڻائي جبو لهرائي وري ساڳيا پنهنجا ڪپڙا ڍڪايائونس. پوءِ اُهي کيس ٻاهر وٺي آيا تہ جيئن سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.


سپاهين ڪنڊن جو تاج ٺاهي يسوع جي مٿي تي رکيو ۽ کيس واڱڻائي رنگ جو جبو پهرايائون.


پوءِ يسوع انهيءَ ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي جبي سان ٻاهر آيو. تڏهن پلاطس کين چيو تہ ”ڏسو، هي آهي اهو ماڻهو.“


اڳئين زماني ۾ ايشور اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت ڳالهايو.


سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير پاپن کان پوِتر ٿيل آهن ۽ اسان جا شرير صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري وشواس سان ايشور کي ويجھا ٿيون.


مطلب تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي جو ڏاندن ۽ ٻڪرن جو رت پاپن کي مِٽائي ڇڏي.


اوهين نئين ٻڌل وچن جي وچ واري يسوع وٽ ۽ سندس ڇٽڪاريل انهيءَ رت وٽ آيا آهيو، جيڪو هابل جي وهايل رت وارين ڳالهين کان بهتر ڳالهيون ٿو ڪري.


پوِتر ترين جاءِ ۾ هڪڙو ئي ڀيرو هميشہ لاءِ داخل ٿيو. اتي هن ٻڪرن ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ امر مڪتي حاصل ڪئي.


ڏسو، اڳئين نيم واري انتظام مطابق ٻڪرن جو رت، ڏاندن جو رت يا ساڙيل گابيءَ جي رک اپوِتر ماڻهن تي ڇٽڪاري ويندي هئي، تہ جيئن اهي شرير جي لحاظ کان پوِتر ٿي سگھن.


انهيءَ ڪري ئي پهريون وچن بہ رت کان سواءِ نہ ٻڌو ويو.


ايشور پتا پنهنجي ارادي موجب اڳ ۾ ئي پوِتر آتما جي وسيلي اوهان کي مخصوص ڪري چونڊيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين يسوع مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پوِتر ڪيا وڃو. شل اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي وڌندي رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ