Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 8:9 - Hindu Sindhi Bible

9 اهو انهيءَ وچن جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان انهيءَ ڏينهن ٻڌو، جڏهن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن هٿ جھليو هئم. اهي منهنجي انهيءَ ٻڌل وچن تي قائم نہ رهيا، تنهنڪري مون انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 نہ انهي عهد وانگر جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان انهي ڏينهن ڪيو، جڏهن مصر جي ملڪ مان کين ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن هٿ جهليم؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي عهد تي قائم نہ رهيا، ۽ خداوند فرمائي ٿو تہ مون انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اهو انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان انهيءَ ڏينهن ٻڌو، جڏهن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن هٿ جھليو هئم. اهي منهنجي انهيءَ عهد تي قائم نہ رهيا، تنهنڪري مون انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 اھو انھيءَ عھد وانگر نہ ھوندو، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان انھيءَ ڏينھن ڪيو، جڏھن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن ھٿ جھليو ھوم.‘ خداوند فرمائي ٿو تہ ’اھي منھنجي عھد تي قائم نہ رھيا، انھيءَ ڪري مون بہ انھن ڏانھن ڌيان ڪونہ ڏنو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 8:9
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع انهيءَ انڌي ماڻهوءَ کي هٿ کان وٺي ڳوٺ کان ٻاهر وٺي ويو. اتي هن انڌي ماڻهوءَ جي اکين تي لٻ لائي پنهنجا هٿ گھمايا ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون ڪا شيءِ ڏسي سگھين ٿو؟“


سو ٻڌ، تو تي پرميشور جي مار اچي پيئي آهي. هاڻي تون انڌو ٿيندين ۽ ڪجھہ عرصي تائين ڏينهن جي روشني بہ ڏسڻ ۾ نہ ايندءِ.“ تڏهن هڪدم هن جي اکين اڳيان ڌنڌ ۽ اونداهي اچي ويئي ۽ هو هيڏانهن هوڏانهن هٿوراڙيون هڻڻ لڳو تہ من ڪو کيس هٿ کان وٺي هلي.


هي اهو ئي شخص آهي جنهن کين اتان ڪڍيو ۽ مصر ۾، ڳاڙهي سمنڊ وٽ ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ عجب جهڙا ڪم ۽ چمتڪار ڏيکاريندو رهيو.


تڏهن سائول زمين تان اٿيو ۽ جڏهن پنهنجيون اکيون کوليائين تہ کيس ڪجھہ بہ ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيو. سو انهن کيس هٿ کان وٺي دمشق ۾ آندو.


انهن ڳالهين مان هڪڙو مثال وٺجي ٿو تہ اهي ٻہ ناريون ڄڻ تہ ٻہ ٻڌل وچن آهن. انهن مان هڪڙي ناري هاجرہ عربستان جي سينا جبل واري ٻڌل وچن مثل آهي، جنهن مان غلام ئي پيدا ٿين ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ