Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 8:8 - Hindu Sindhi Bible

8 سو ايشور پنهنجي قوم جنهن سان هن پهريون وچن ٻڌو، تنهن جي گھٽتائي ظاهر ڪندي پوِتر شاستر ۾ فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ پرميشور چوان ٿو تہ اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن آءٌ اسرائيل توڙي يهوداہ ملڪ وارن سان هڪ نئون وچن ٻڌندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تنهنڪري هن جا عيب پڌرا ڪري هو چوي ٿو، تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا، جو آئون اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداهہ جي گهراڻي سان نئون عهد ڪندس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 سو خدا پنهنجي قوم جنهن سان هن پهريون عهد ٻڌو، تنهن جي گھٽتائي ظاهر ڪندي پاڪ ڪلام ۾ فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن آءٌ اسرائيل توڙي يهوداہ ملڪ وارن سان هڪ نئون عهد ٻڌندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 پر خدا ماڻھن جا عيب ڏيکاري چوي ٿو تہ ”ڏس، خداوند فرمائي ٿو تہ ’اھي ڏينھن اچن ٿا، جڏھن آءٌ بني اسرائيل جي گھراڻي سان ۽ يھوداہ جي گھراڻي سان ھڪ نئون عھد ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 8:8
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هي منهنجو رت آهي، جيڪو گھڻن ئي جي پاپن جي معافيءَ لاءِ وهائجي ٿو ۽ جنهن سان ايشور جو وچن ٻڌجي ٿو.


تڏهن يسوع چين تہ ”اهو منهنجو رت آهي، جنهن سان ايشور جو وچن ٻڌجي ٿو. اهو رت گھڻن ئي جي لاءِ وهائجي ٿو.


هن پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”ڪو وقت ايندو جڏهن اوهين منش‌پتر جي موجودگيءَ وارو ڪو ڏينهن ڏسڻ لاءِ پيا سڪندا، پر اوهين اهڙو ڏينهن نہ ڏسندا.


ساڳيءَ ريت کائڻ کان پوءِ پيالو کڻي چيائين تہ ”هي پيالو ايشور جو نئون وچن آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. اهو رت اوهان جي لاءِ وهائجي ٿو.


تنهنڪري تازي مئي هميشہ نون ساندارن ۾ ڀرڻ گھرجي.


اهڙيءَ طرح هن رسوئي کائڻ کان پوءِ مئي جو پيالو بہ کنيو ۽ چيائين تہ ”هي پيالو اهو نئون وچن آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. جڏهن بہ اهو پيالو پيئو تہ منهنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رهجو.“


اهو ئي آهي، جنهن اسان کي نئين ٻڌل وچن جا سيواداري هئڻ جي لائق ڪيو. اهو وچن لکيل نيم جو نہ پر پوِتر آتما جو آهي، ڇاڪاڻ تہ لکيل نيم جو اثر موت آهي جڏهن تہ پوِتر آتما جيون ڏئي ٿي.


اوهين نئين ٻڌل وچن جي وچ واري يسوع وٽ ۽ سندس ڇٽڪاريل انهيءَ رت وٽ آيا آهيو، جيڪو هابل جي وهايل رت وارين ڳالهين کان بهتر ڳالهيون ٿو ڪري.


قسم واري انهيءَ فرق جي ڪري يسوع هڪ بهتر ٻڌل وچن جو ضامن مقرر ٿيو.


ايشور هن ٻڌل وچن کي نئون چئي پهرئين ٻڌل وچن کي پراڻو قرار ڏنو ۽ جيڪا شيءِ پراڻي ۽ جھوني ٿي ويندي آهي، سا مِٽجڻ کي ويجھو هوندي آهي.


پر هاڻي يسوع کي انهن ڪاهنن کان ايتري قدر بهتر سيوا ملي آهي، جيتري قدر پراڻي ٻڌل وچن کان اهو ٻڌل وچن بهتر آهي جنهن جو هو وچ وارو آهي. اهو ٻڌل وچن ايشور جي بهتر وچنن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آهي.


انهيءَ ٻليدان جي وسيلي ئي مسيح ايشور ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين ٻڌل وچن جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي ايشور سڏيو آهي، سي سندس امر ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن وچن ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين ٻڌل وچن جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي پاپ کان آزاد ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ