Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 8:6 - Hindu Sindhi Bible

6 پر هاڻي يسوع کي انهن ڪاهنن کان ايتري قدر بهتر سيوا ملي آهي، جيتري قدر پراڻي ٻڌل وچن کان اهو ٻڌل وچن بهتر آهي جنهن جو هو وچ وارو آهي. اهو ٻڌل وچن ايشور جي بهتر وچنن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر هاڻي مسيح ايتري قدر خادم جو درجو حاصل ڪيو آهي، جيتري قدر هو پاڻ بهتر عهد جو درمياني مقرر ڪيو ويو آهي، جو عهد بهتر واعدن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پر هاڻي عيسيٰ کي انهن ڪاهنن کان ايتري قدر بهتر خدمت ملي آهي، جيتري قدر پراڻي عهد کان اهو عهد بهتر آهي جنهن جو هو وچ وارو آهي. اهو عهد خدا جي بهتر واعدن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 پر ھاڻي عيسيٰ کي انھن ڪاھنن کان ايتري قدر بھتر خدمت ملي آھي، جيتري قدر پراڻي عھد کان اھو عھد بھتر آھي جنھن جو ھو وچ وارو آھي. اھو عھد بھتر واعدن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 8:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساڳيءَ ريت کائڻ کان پوءِ پيالو کڻي چيائين تہ ”هي پيالو ايشور جو نئون وچن آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. اهو رت اوهان جي لاءِ وهائجي ٿو.


اهي بني اسرائيل ئي آهن، جن کي ايشور پنهنجا ٻار مقرر ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي. انهن کي هن پنهنجي جوت ڏيکاري، ساڻن پنهنجا وچن ٻڌائين ۽ کين نيم بخشيائين. اهي ئي حقيقي ڀڳتي ۽ سندس وچنن جا حقدار آهن.


اڳي اوهين مسيح کان ڌار، بني اسرائيل جي منڊليءَ کان ٻاهر ۽ ايشور جي ٻڌل وچنن کان اڻ‌ڄاڻ هئا. اوهين هن سنسار ۾ ايشور کان جدا ۽ نااميديءَ وارو جيون گذاريندا هئا.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ مڪتي ڏيڻ وارو ايشور هڪڙو ئي آهي ۽ ايشور ۽ ماڻهن جو وچ وارو بہ هڪڙو آهي، يعني يسوع مسيح جيڪو انسان آهي.


انهيءَ وشواس رکڻ ۽ سچائيءَ جي ڄاڻ مان انهن ۾ هي ڀروسو پيدا ٿو ٿئي تہ کين امر جيون مليو آهي. ايشور، جيڪو ڪوڙ ڳالهائي نہ ٿو سگھي، تنهن سنسار جي شروعات کان ئي انهيءَ جيون جو وچن ڪيو آهي.


اوهين نئين ٻڌل وچن جي وچ واري يسوع وٽ ۽ سندس ڇٽڪاريل انهيءَ رت وٽ آيا آهيو، جيڪو هابل جي وهايل رت وارين ڳالهين کان بهتر ڳالهيون ٿو ڪري.


قسم واري انهيءَ فرق جي ڪري يسوع هڪ بهتر ٻڌل وچن جو ضامن مقرر ٿيو.


انهيءَ طرح هو اسان سان ڪيل نهايت وڏا ۽ قيمتي وچن پورا ڪري ٿو. هن چاهيو ٿي تہ اوهين انهن جي وسيلي سنسار جي برين خواهشن مان پيدا ٿيندڙ تباهيءَ واري خرابيءَ کان بچي سندس مهان ذات ۾ شامل ٿي وڃو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ