Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 8:13 - Hindu Sindhi Bible

13 ايشور هن ٻڌل وچن کي نئون چئي پهرئين ٻڌل وچن کي پراڻو قرار ڏنو ۽ جيڪا شيءِ پراڻي ۽ جھوني ٿي ويندي آهي، سا مِٽجڻ کي ويجھو هوندي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 جڏهن هو نئون عهد ٿو چوي، تڏهن پهرئين کي پراڻو ٺهرايائين. هاڻي جيڪي پراڻو ٿو ٿئي ۽ گهڻن ڏينهن جو ٿيندو وڃي، سو مٽجڻ تي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 خدا هن عهد کي نئون چئي پهرئين عهد کي پراڻو قرار ڏنو ۽ جيڪا شيءِ پراڻي ۽ جھوني ٿي ويندي آهي، سا مِٽجڻ کي ويجھو هوندي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 خدا ھن عھد کي نئون چئي، پھرين عھد کي پراڻو ٺھرايو ۽ جيڪا شيءِ پراڻي ۽ جھوني ٿي ويندي آھي، سا مٽجڻ کي ويجھو ھوندي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 8:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڌرتي ۽ آڪاش ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“


ساڳيءَ ريت کائڻ کان پوءِ پيالو کڻي چيائين تہ ”هي پيالو ايشور جو نئون وچن آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. اهو رت اوهان جي لاءِ وهائجي ٿو.


پريم ڪڏهن ختم نہ ٿو ٿئي، جڏهن تہ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو ڪم ختم ٿي ويندو، اڻ‌ڄاتل ٻوليون بند ٿي وينديون، ۽ ڄاڻ ميٽجي ويندي،


اهو ئي آهي، جنهن اسان کي نئين ٻڌل وچن جا سيواداري هئڻ جي لائق ڪيو. اهو وچن لکيل نيم جو نہ پر پوِتر آتما جو آهي، ڇاڪاڻ تہ لکيل نيم جو اثر موت آهي جڏهن تہ پوِتر آتما جيون ڏئي ٿي.


مطلب تہ جيڪو بہ مسيح ۾ آهي سو نئون رچيل آهي. پراڻو جيون گذري ويو، ڏسو، نئون جيون شروع ٿي ويو آهي.


اهي سڀ ناس ٿي ويندا، پر تون قائم رهندين. اهي سڀ پوشاڪ وانگر پراڻا ٿي ويندا.


اوهين نئين ٻڌل وچن جي وچ واري يسوع وٽ ۽ سندس ڇٽڪاريل انهيءَ رت وٽ آيا آهيو، جيڪو هابل جي وهايل رت وارين ڳالهين کان بهتر ڳالهيون ٿو ڪري.


قسم واري انهيءَ فرق جي ڪري يسوع هڪ بهتر ٻڌل وچن جو ضامن مقرر ٿيو.


پر هاڻي يسوع کي انهن ڪاهنن کان ايتري قدر بهتر سيوا ملي آهي، جيتري قدر پراڻي ٻڌل وچن کان اهو ٻڌل وچن بهتر آهي جنهن جو هو وچ وارو آهي. اهو ٻڌل وچن ايشور جي بهتر وچنن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آهي.


سو ايشور پنهنجي قوم جنهن سان هن پهريون وچن ٻڌو، تنهن جي گھٽتائي ظاهر ڪندي پوِتر شاستر ۾ فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ پرميشور چوان ٿو تہ اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن آءٌ اسرائيل توڙي يهوداہ ملڪ وارن سان هڪ نئون وچن ٻڌندس.


انهيءَ ٻليدان جي وسيلي ئي مسيح ايشور ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين ٻڌل وچن جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي ايشور سڏيو آهي، سي سندس امر ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن وچن ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين ٻڌل وچن جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي پاپ کان آزاد ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ