Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 8:11 - Hindu Sindhi Bible

11 پوءِ ڪنهن کي ڪڏهن بہ اها ضرورت نہ پوندي، جو پنهنجي هم‌وطن يا برادريءَ واري کي اهو چئي سيکاري تہ ’پرميشور کي ڄاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ انهن مان ننڍا توڙي وڏا سڀ مون کي ڄاڻيندا هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ هرڪو ماڻهو، پنهنجي هم وطن کي توڙي پنهنجي ڀاءُ کي هيئن چئي نہ سيکاريندو تہ خداوند کي سُڃاڻ: ڇالاءِ جو ننڍا توڙي وڏا سڀيئي مون کي سڃاڻندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ ڪنهن کي ڪڏهن بہ اها ضرورت نہ پوندي، جو پنهنجي هم‌وطن يا برادريءَ واري کي اهو چئي سيکاري تہ ’خداوند کي ڄاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ انهن مان ننڍا توڙي وڏا سڀ مون کي ڄاڻيندا هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 پوءِ ڪنھن کي بہ اھا ضرورت نہ ٿيندي، جو پنھنجي پاڙيسريءَ يا پنھنجي برادريءَ واري کي اھو چئي سيکاري تہ ’خداوند کي سڃاڻ.‘ ڇالاءِ⁠جو انھن مان ننڍا توڙي وڏا سڀ مون کي سڃاڻيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 8:11
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سنديش ڏيندڙ سنتن جي هڪڙي شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’سڀيئي ايشور کان سکيا حاصل ڪندا.‘ سو جيڪو بہ پتا کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو اهو ئي مون وٽ اچي ٿو.


شهر جا ننڍا توڙي وڏا کيس مڃيندا هئا ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي ايشور جي مهان شڪتي ڪري چوندا هئا.


پر اوهان کي مسيح پوِتر آتما سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پوِتر آتما اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿي. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پوِتر آتما اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ ايشور جو پٽ هن سنسار ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس پٽ يسوع مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي ايشور ۽ امر جيون آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ