Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:28 - Hindu Sindhi Bible

28 موسيٰ جو نيم تہ انهن کي سردار ڪاهن مقرر ڪري ٿو جيڪي ڪمزور انسان آهن، پر اهو قسم، جيڪو نيم کان پوءِ ايشور کنيو، سو سندس پٽ کي هميشہ جي لاءِ ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 هاڻي شريعت تہ انهن ماڻهن کي سردار ڪاهن مقرر ٿي ڪيو، جي ڪمزور آهن؛ پر شريعت کانپوءِ جيڪو قسم وارو ڪلام ٿيو، سو انهي فرزند کي مقرر ٿو ڪري، جو هميشہ جي لاءِ ڪامل ڪيو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 شريعت تہ انهن کي سردار ڪاهن مقرر ڪري ٿي جيڪي ڪمزور انسان آهن، پر اهو قسم، جيڪو شريعت کان پوءِ خدا کنيو، سو سندس فرزند کي هميشہ جي لاءِ ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 ھن ڪري جو شريعت تہ انھن ماڻھن کي سردار ڪاھن مقرر ڪري ٿي جيڪي ڪمزور آھن، پر اھو قسم، جيڪو شريعت کان پوءِ کنيو ويو، سو انھيءَ فرزند کي مقرر ٿو ڪري جيڪو ھميشہ جي لاءِ ڪامل ڪيو ويو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:28
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع انهن کي چيو تہ ”انهيءَ لومڙ کي وڃي چئو تہ آءٌ اڄ ۽ سڀاڻ ڀوت پيو ڪڍان ۽ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو پيو ڪريان ۽ پرينهن پنهنجو ڪم رسائي پورو ڪندس.


يسوع اها مئي چوسي چيو تہ ”هاڻي پورو ٿيو.“ پوءِ هن پنهنجو ڪنڌ جھڪايو ۽ دم ڏنائين.


پر هاڻي هن انتم زماني ۾ ايشور اسان سان پنهنجي پٽ جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين.


حقيقت ۾ ايشور، جنهن جي لاءِ ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن کي اهو مناسب لڳو تہ گھڻن ٻارن کي مهانتا ۾ داخل ڪرڻ لاءِ يسوع کي تڪليفن جي وسيلي سندن مڪتيءَ جو ڪامل وسيلو بڻائي.


تنهنڪري اهو لازمي هو تہ هو پاڻ بہ هر طرح پنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جي سيوا ڪرڻ ۾ هو اهڙو سردار ڪاهن ٿئي، جيڪو ديالو ۽ وفادار هجي ۽ ماڻهن جي پاپن جو ڪفارو ادا ڪري سگھي.


تنهنڪري اي پوِتر ۽ مخصوص ٿيل ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آڪاشي سڏ ۾ شامل آهيو، اوهين ايشور جي موڪليل انهيءَ ايلچيءَ ۽ سردار ڪاهن يسوع تي غور ڪريو، جنهن جو اسين اقرار ڪريون ٿا.


پر مسيح پٽ جي حيثيت ۾ ايشور جي گھراڻي جو مختيار هوندي وفادار رهيو. هاڻي ايشور جو گھراڻو اسين آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجي همت ۽ انهيءَ اميد تي قائم رهون، جنهن تي اسان کي اعتماد آهي.


تنهنڪري اچو تہ انهيءَ وشواس تي مضبوطيءَ سان قائم رهون، جنهن جو اسين اقرار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جو مهان سردار ڪاهن اهو آهي جيڪو آڪاش تي ايشور وٽ وڃي ويٺو آهي، يعني ايشور جو پٽ يسوع.


ساڳيءَ طرح مسيح بہ پاڻ کي سردار ڪاهن ٿيڻ جو مان پاڻ نہ ڏنو، بلڪ ايشور ئي کيس ڏنو، جيئن پوِتر شاستر ۾ کيس فرمايائين تہ ”تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تنهنجو پتا آهيان.“


پر يسوع جي ڪاهني ابناسي آهي، ڇاڪاڻ تہ هو هميشہ تائين جيوت رهڻ وارو آهي.


هو بنا پتا، بنا ماتا ۽ بنا ابن ڏاڏن جي آهي. نہ سندس عمر جي شروعات آهي، نڪي جيون جي پڄاڻي، بلڪ هو ايشور جي پٽ جهڙو ڪيو ويو تہ جيئن هميشہ لاءِ ڪاهن رهندو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ