Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:18 - Hindu Sindhi Bible

18 اهڙيءَ طرح لاوين واري ڪاهنيءَ سان واسطو رکندڙ نيم جو پراڻو قاعدو ڪمزور ۽ بي‌فائدي هئڻ ڪري ختم ٿي ويو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 سو اڳيون حڪم ڪمزور ۽ بي فائدي هئڻ ڪري رد ٿيو آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اهڙيءَ طرح لاوين واري ڪاهنيءَ سان واسطو رکندڙ شريعت جو پراڻو قاعدو ڪمزور ۽ بي‌فائدي هئڻ ڪري ختم ٿي ويو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 تنھنڪري پھريون حڪم ڪمزور ۽ بي⁠فائدي ھئڻ ڪري رد ٿي ويو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:18
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻ جيڪو بہ هن تي وشواس آڻي ٿو سو ايشور ڏانهن سچار بڻجي ٿو، جڏهن تہ موسيٰ جي نيم جي وسيلي هو سچار بڻجي نہ سگھي ها.


پوءِ هن جو مطلب اهو ٿيو ڇا تہ اسين وشواس رکڻ جي ڪري نيم کي رد ٿا ڪريون؟ هرگز نہ. اسين تہ انهيءَ سان نيم کي قائم ٿا ڪريون.


جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب نيم نہ ڪري سگھيو سو ايشور ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي پٽ کي انساني يعني پاپين واري روپ ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي پاپن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود پاپ جي خلاف ايشور فيصلو جاري ڪيو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي روزاني جيون جو هڪ مثال ڏيان ٿو تہ ماڻهن جي تصديق ڪيل اقرار نامي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي گھٽائي وڌائي سگھي ٿو.


منهنجو مطلب هي آهي تہ جنهن ٻڌل وچن جي ايشور پهريائين ئي تصديق ڪئي هئي تنهن کي موسيٰ جو نيم، جيڪو چار سؤ ٽيهن سالن کان پوءِ آيو، سو ڪوڙو ڪري نہ ٿو سگھي، نہ تہ ايشور جو وچن بيڪار ٿي وڃي ها.


تہ پوءِ نيم ايشور جي وچن کي رد ڪيو آهي ڇا؟ هرگز نہ. جيڪڏهن ڪو اهڙو نيم ڏنو وڃي ها جيڪو جيون ڏيئي سگھي ها تہ جيڪر سچائي نيم جي وسيلي ملي ها.


اوهين جيڪي موسيٰ جي نيم جي وس هيٺ رهڻ ٿا گھرو، سي مون کي ٻڌايو تہ اوهين نيم جون ڳالهيون نہ ٿا ٻڌو ڇا؟


پر هاڻي جڏهن اوهين ايشور کي ڄاڻو ٿا، بلڪ ايشور اوهان کي ڄاتو آهي تہ پوءِ اوهين وري انهن ڪمزور ۽ خسيس شروعاتي اصولن ڏانهن ڇو ٿا ڦرو؟ ڇا اوهين ٻيهر انهن جي غلاميءَ ۾ رهڻ ٿا چاهيو؟


انهيءَ جو سبب اهو آهي تہ شرير جي پرورش مان تہ ڪو ٿورو فائدو آهي، پر ڌرمچاري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي. هائو، هاڻوڪي ۽ آئيندہ جيون جي لاءِ وچن بہ انهيءَ جي ڪري ٿيل آهي.


جدا جدا قسمن جي عجيب سکيا تي لڳي ڀَٽڪي نہ وڃو. اوهان جي لاءِ چڱو اهو آهي تہ دلين کي ايشور جي ڪرپا جي وسيلي پختو رکو، نڪي رسمي کاڌن کائڻ جي وسيلي، جن مان ڪوبہ فائدو حاصل ڪونہ ٿو ٿئي.


ڇاڪاڻ تہ نيم ڪنهن بہ ڳالهہ کي مڪمل ڪري نہ سگھيو. سو انهيءَ جي بدران اسان کي هڪ بهتر اميد ڏني ويئي آهي، جنهن جي وسيلي اسين ايشور وٽ وڃي ٿا سگھون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ