Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 6:5 - Hindu Sindhi Bible

5 ۽ ايشور جي چڱي سنديش ۽ نئين سر بحاليءَ واري ايندڙ زماني جي طاقتن جو تجربو بہ حاصل ڪيو اٿائون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ خدا جي چڱي ڪلام، ۽ ايندڙ جهان جي طاقتن جو ذائقو چکي ڏٺائون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ۽ خدا جي چڱي پيغام ۽ نئين سر بحاليءَ واري ايندڙ زماني جي طاقتن جو تجربو بہ حاصل ڪيو اٿائون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 ۽ جن خدا جي چڱي ڪلام ۽ ايندڙ جھان جي طاقتن جو تجربو حاصل ڪيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 6:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن ڪو منش‌پتر جي خلاف ڪجھہ ڳالهائي ٿو تہ کيس معافي ملي سگھي ٿي، پر جيڪڏهن ڪو پوِتر آتما جي خلاف ڪجھہ ڳالهائيندو تہ انهيءَ کي ڪڏهن بہ نہ بخشيو ويندو، نہ هن انتم زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾.“


ڇاڪاڻ تہ هيروديس يوحنا کان ڊڄندو هو جو هن ڄاتو پئي تہ يوحنا هڪ سچار ۽ پوِتر ماڻهو آهي. سو هيروديس کيس بچائيندو رهيو. هيروديس يوحنا جون ڳالهيون خوشيءَ سان ٻڌندو هو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت هي ڳالهيون کيس پريشان ڪنديون هيون.


ٽڪريلي زمين اهي ماڻهو آهن، جيڪي سنديش ٻڌن ٿا تڏهن خوشيءَ سان قبول تہ ڪن ٿا، پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿورو وقت وشواس آڻي پوءِ آزمائش جي مهل ڦري ٿا وڃن.


پنهنجي مٿي تي مڪتيءَ جو لوهي ٽوپ پايو ۽ پوِتر آتما جي تلوار، يعني ايشور جو وچن پاڻ سان کڻو.


وشواس جي ڪري ئي اسين سمجھون ٿا تہ سڀيئي جهان ايشور جي حڪم سان بڻيا آهن. ائين نہ آهي تہ جيڪي ڪجھہ نظر اچي ٿو سو ڏسڻ ۾ ايندڙ شين مان بڻيو آهي.


بيشڪ هيءَ مڪتي دوتن جي معرفت ٻڌايل سنديش کان مهان آهي، ڇاڪاڻ تہ هن انتم زماني کان پوءِ نئين سر بحاليءَ وارو ايندڙ زمانو، جنهن بابت اسين هن خط ۾ ذڪر ٿا ڪريون، تنهن کي ايشور دوتن جي وس هيٺ نہ ڪيو آهي.


انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جيڪي بہ فرمائي ٿو سو جيوت ۽ اثرائتو آهي. اهو اهڙو تکو آهي جو جان کي آتما کان ائين ڌار ڪريو ڇڏي، جيئن ٻِہ‌منهين تلوار سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪريو ڇڏي. اهو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو وٺي.


پر پرميشور جو فرمان هميشہ تائين قائم رهندو.“ هي اهو ئي فرمان آهي، جنهن جي خوشخبري اوهان کي ٻڌائي ويئي آهي.


هائو، اوهين چاهہ رکندا، بشرطيڪ اوهان پرميشور جي ڪرپالو هئڻ جو سواد چکيو هجي.


سو جيڪي ماڻهو اسان جي پرڀوءَ ۽ مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح کي ڄاڻڻ جي ڪري سنسار جي بڇڙاين کان ڇڏائجي ويا آهن، سي جيڪڏهن وري انهن بڇڙاين جي وس هيٺ اچي ڦاسي پون تہ انهن جي پوئين حالت اڳينءَ کان بہ وڌيڪ خراب ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ