عبرانين 5:12 - Hindu Sindhi Bible12 حقيقت ۾ وقت جي لحاظ کان تہ اوهان کي سکيا ڏيندڙ ٿيڻ گھربو هو، پر اوهين اڃا تائين انهيءَ ڳالهہ جا محتاج آهيو تہ ڪو ماڻهو وري اوهان کي ايشور جي سنديش وارين بنيادي ڳالهين جي سکيا ڏئي. سو اوهان کي سخت کاڌي بدران اڃا کير جي گھرج آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible12 هن ڪري جو هيتري وقت ۾ تہ اوهان کي استاد ٿيڻ گهُربو هو، پر اوهان کي اڃا انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت آهي تہ ڪو ماڻهو خدا جي ڪلام جي اصولن جي ابتدائي تعليم اوهان کي ڏئي؛ ۽ اهڙا ٿيا آهيو جو سخت کاڌي کائڻ جي بدلي اوهان کي اڃا کير جي گهُرج آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible12 حقيقت ۾ وقت جي لحاظ کان تہ اوهان کي تعليم ڏيندڙ ٿيڻ گھربو هو، پر اوهين اڃا تائين انهيءَ ڳالهہ جا محتاج آهيو تہ ڪو ماڻهو وري اوهان کي خدا جي پيغام وارين بنيادي ڳالهين جي تعليم ڏئي. سو اوهان کي سخت کاڌي بدران اڃا کير جي گھرج آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament12 حقيقت ۾ وقت جي لحاظ کان تہ اوھان کي استاد ٿيڻ گھربو ھو، پر اوھين اڃا تائين انھيءَ ڳالھہ جا محتاج آھيو تہ ڪو ماڻھو وري اوھان کي خدا جي ڪلام جي ابتدائي اصولن جي تعليم ڏئي. سو اوھان کي سخت کاڌي بدران اڃا کير جي گھرج آھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |