Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 5:11 - Hindu Sindhi Bible

11 انهيءَ باري ۾ اسان کي اڃا گھڻو ڪجھہ چوڻو آهي، پر اوهان کي سمجھائڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين ٻڌڻ جا ڍلا ٿي پيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 انهي بابت اسان کي گهڻيون ڳالهيون چوڻيون آهن؛ جن جي سمجهاڻي ڏيڻ مشڪل آهي، ڇالاءِ جو اوهين ڪَنن کان گهٻرا ٿيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 انهيءَ باري ۾ اسان کي اڃا گھڻو ڪجھہ چوڻو آهي، پر اوهان کي سمجھائڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين ٻڌڻ جا ڍلا ٿي پيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 انھيءَ باري ۾ اسان کي گھڻو ڪجھہ چوڻو آھي، پر اوھان کي سمجھائڻ مشڪل آھي، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڪنن کان گھٻرا ٿي پيا آھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 5:11
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ سبب جو هن قوم جي عقل کي تالو لڳل آهي. اهي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آهن، ۽ انهن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن، پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘


تڏهن يسوع چين تہ ”پوءِ اڃا بہ اوهين نہ ٿا سمجھو.“


تڏهن يسوع انهن کي چيو تہ ”اي مُورکؤ! اوهين سنديش ڏيندڙ سنتن جي سڀني ڳالهين کي مڃڻ ۾ ڪيڏا نہ لاپرواهہ آهيو.


مون کي اوهان سان اڃا ٻيون بہ گھڻيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن، پر هينئر اوهين اهي سهي ڪين سگھندا.


هن اهو رڳو فلپس کي آزمائڻ لاءِ چيو، پر اڳي ئي سوچي ڇڏيو هئائين تہ ڇا ڪرڻو آهي.


انهيءَ سبب جو هن قوم جي عقل کي تالو لڳل آهي. اهي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آهن، ۽ انهن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن، پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘“


حقيقت ۾ وقت جي لحاظ کان تہ اوهان کي سکيا ڏيندڙ ٿيڻ گھربو هو، پر اوهين اڃا تائين انهيءَ ڳالهہ جا محتاج آهيو تہ ڪو ماڻهو وري اوهان کي ايشور جي سنديش وارين بنيادي ڳالهين جي سکيا ڏئي. سو اوهان کي سخت کاڌي بدران اڃا کير جي گھرج آهي.


هن پنهنجي سڀني خطن ۾ انهن ڳالهين بابت اهڙي ئي نموني بيان ڪيو آهي. هن جي خطن ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون بہ آهن جن جو سمجھڻ مشڪل آهي. جاهل ۽ ثابت قدم نہ رهندڙ ماڻهو انهن جي معنيٰ کي ڦيرائي ابتي پيا ڪن، جيئن اهي پوِتر شاستر جي ٻين لکتن جي ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجي لاءِ تباهي ٿا پيدا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ