Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 3:7 - Hindu Sindhi Bible

7 سو اوهان کي ائين ڪرڻ گھرجي جيئن پوِتر آتما فرمائي ٿي تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اڄ جڏهن اوهين مون ايشور جو آواز ٻڌو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تنهنڪري جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو، تہ ”جيڪڏهن اڄ اوهين هن جو آواز ٻُڌو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 سو اوهان کي ائين ڪرڻ گھرجي جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اڄ جڏهن اوهين مون خدا جو آواز ٻڌو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏھن اڄ اوھين ھن جو آواز ٻڌو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 3:7
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“


تنهن تي يسوع چين تہ ”پوءِ ڪيئن دائود پوِتر آتما جي هدايت تي هن کي ’پرڀو‘ ٿو سڏي؟ ڇاڪاڻ تہ دائود پاڻ چيو آهي تہ


دائود تہ پاڻ پوِتر آتما جي هدايت تي چيو هو تہ ’پرڀو پرميشور منهنجي پرڀوءَ کي چيو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘


منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن جيڪي هن واڙي جون نہ آهن. انهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي. اهي منهنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ هڪڙو ئي ڌڻ ۽ هڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.


آءٌ پنهنجي رڍن کي ڄاڻان ٿو. اهي منهنجو آواز ٻڌي منهنجي پٺيان هلن ٿيون.


دربان هن لاءِ در کولي ٿو ۽ رڍون هن جو آواز ٻڌن ٿيون. هو نالو وٺي پنهنجي رڍن کي سڏي ٿو ۽ کين ٻاهر آڻي ٿو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اها گھڙي اچي رهي آهي بلڪ اچي پهتي آهي، جڏهن مئل ماڻهو ايشور جي پٽ جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيوت ٿيندا.


”اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! پوِتر شاستر جي انهيءَ لکت جو پورو ٿيڻ ضروري هو، جنهن ۾ پوِتر آتما دائود جي معرفت اڳي ئي يهوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو هو، جنهن يسوع کي پڪڙڻ وارن جي رهنمائي ڪئي.


سو اهي پاڻ ۾ هڪ راءِ نہ ٿيا ۽ وڃڻ تي هئا، تڏهن پولس کين هڪڙي ڳالهہ چئي تہ ”پوِتر آتما سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت اوهان جي ابن ڏاڏن کي بلڪل صحيح فرمايو هو، جڏهن يسعياہ کي حڪم ڏنو هئائين تہ


پوِتر آتما فلپس کي چيو تہ ”ويجھو وڃي انهيءَ گاڏيءَ سان گڏج.“


پوِتر آتما بہ انهيءَ باري ۾ اسان کي شاهدي ڏيئي پرميشور جو هي فرمان ٻڌائي ٿي تہ


پر جيستائين ايشور جو آواز ٻڌڻ وارو اهو ”اڄ“ جو ڏينهن جاري آهي، تيستائين اوهين هر روز هڪٻئي کي نصيحت ڪندا رهجو، انهيءَ لاءِ تہ متان اوهان مان ڪو پاپ جي فريب ۾ اچي سخت دل ٿي پوي.


جيئن بني اسرائيل کي چيو ويو آهي تہ ”اڄ جڏهن اوهين مون ايشور جو آواز ٻڌو، تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن اوهان مون کي چڙ ڏيارڻ واري مهل ڪيو هو.“


تنهنڪري گھڻي وقت کان پوءِ ايشور وري هڪڙو خاص ڏينهن مقرر ڪيو، جنهن کي دائود جي معرفت پوِتر لکت ۾ ”اڄ“ سڏيائين، جيڪا مون ٿورو اڳ بيان ڪئي آهي تہ ”جيڪڏهن اڄ اوهين مون ايشور جو آواز ٻڌو، تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو.“


انهيءَ مان پوِتر آتما هي اشارو ٿي ڏئي تہ جيستائين پوِتر خيمي جو پهريون ڪمرو ان جي قاعدن سميت بيٺو آهي، تيستائين پوِتر ترين جاءِ جو رستو ماڻهن لاءِ کُليل نہ آهي.


هائو، سنديش ڏيندڙ سنتن جي ڪابہ ڳالهہ ڪڏهن بہ انسان جي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي، بلڪ اهي پوِتر آتما جي رهنمائيءَ سان ايشور جي طرفان ڳالهائيندا هئا.


ڏسو، آءٌ دروازي وٽ بيهي کڙڪايان ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجو آواز ٻڌي دروازو کوليندو تہ آءٌ اندر لنگھي وٽس ويندس ۽ اسين ٻيئي گڏجي رسوئي کائينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ