Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 3:5 - Hindu Sindhi Bible

5 هاڻي ڏسو، موسيٰ سيوڪ جي حيثيت ۾ ايشور جي سڄي گھراڻي سان وفادار رهيو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ڳالهيون ايشور کي اڳتي ظاهر ڪرڻيون هيون، تن جي شاهدي ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 هاڻي موسيٰ تہ خدا جي گهراڻي ۾ خادم وانگر ايماندار ۽ وفادار رهيو؛ انهي لاءِ تہ جيڪي ڳالهيون پوءِ بيان ٿيڻيون هيون، تن جي شاهدي ڏئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 هاڻي ڏسو، موسيٰ خادم جي حيثيت ۾ خدا جي سڄي گھراڻي سان وفادار رهيو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ڳالهيون خدا کي اڳتي ظاهر ڪرڻيون هيون، تن جي شاهدي ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 ھاڻي موسيٰ خادم جي حيثيت ۾ خدا جي سڄي گھراڻي سان وفادار رھيو، انھيءَ لاءِ تہ جيڪي ڳالھيون پوءِ بيان ٿيڻيون ھيون، تن جي شاھدي ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 3:5
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”پوءِ مون کي ٻڌايو تہ وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي کاڌو پيتو پوري وقت تي ڏئي؟


تنهن تي هن جي مالڪ چيس تہ ’شاباس، نيڪ ۽ وفادار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، تنهنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنهنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ منهنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘


پرڀوءَ جواب ۾ چيو تہ ”اهو وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي وقت تي کاڌو پاڻي پهچائي؟


پوءِ يسوع انهن کي موسيٰ جي شاستر کان وٺي ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سڀني سنتن جي لکتن تائين، پوِتر شاستر جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن.


پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايون هيون، جڏهن اڃا اوهان سان هئس، تہ مون بابت جيڪي بہ نيم شاستر، زبور توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


اوهين پوِتر شاستر انهيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙهو، جو اوهان جو خيال آهي تہ انهيءَ ۾ اوهان کي امر جيون ملندو، جڏهن تہ اهو پوِتر شاستر بہ منهنجي شاهدي ڏئي ٿو.


پوءِ انهن پولس سان هڪڙو ڏينهن مقرر ڪيو ۽ ان ڏينهن تي سندن وڏو تعداد انهيءَ جاءِ تي اچي ڪٺو ٿيو، جتي هو رهيل هو. صبح کان شام تائين ايشور جي راڄ بابت سمجھائيندي پولس کين اُپديش ڏيندو رهيو، جنهن ۾ يسوع بابت کين مڃائڻ لاءِ موسيٰ جي نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن مان کين مثال ٻڌائيندو رهيو.


هي اهو ئي موسيٰ آهي جنهن بني اسرائيل کي چيو تہ ’ايشور اوهان لاءِ اوهان مان ئي مون جهڙو سنديش ڏيندڙ هڪڙو سنت موڪليندو.‘


پر هاڻي ايشور پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري آهي ۽ ان سان نيم جو ڪوبہ واسطو نہ آهي. انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي موسيٰ جو شاستر ۽ ٻين سنتن جون پوِتر لکتون ڏين ٿيون.


هاڻ جنهن کي ڪا شيءِ سونپي ويندي آهي تنهن لاءِ ضروري آهي تہ هو ايماندار هجي.


اسان جو پرڀو يسوع مسيح، جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو، تنهن جو آءٌ شڪر ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ هن مون کي ايماندار سمجھي پنهنجي سيوا لاءِ مقرر ڪيو آهي.


اڳئين زماني ۾ ايشور اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت ڳالهايو.


هو هن ڪم لاءِ مقرر ڪرڻ واري ايشور سان ائين وفادار رهيو، جهڙي نموني موسيٰ ايشور جي سڄي گھراڻي ۾ پنهنجي ڪم سان وفادار رهيو.


بيشڪ هر گھر جو ڪو نہ ڪو جوڙيندڙ هوندو آهي، پر جنهن سڀ ڪجھہ جوڙيو آهي سو ايشور ئي آهي.


هتي پوِتر جاءِ ۾ هو جيڪا سيوا ڪن ٿا، سا آڪاش واري پوِتر خيمي واري حقيقي سيوا جو رڳو نقل ۽ پاڇو آهي. اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي جو جڏهن موسيٰ پوِتر خيمو ٿي جوڙيو، تڏهن کيس تاڪيد ڪيو ويو تہ ”ڏس، سيوا واري هر شيءِ انهيءَ نموني ٺاهجانءِ، جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.“


اهو ئي سبب آهي جو مسيح انسان جي ٺاهيل انهيءَ پوِتر ترين جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جيڪا حقيقي پوِتر ترين جاءِ جو رڳو نقل هئي. پر هو آڪاش ۾ ئي داخل ٿيو، تہ جيئن هاڻي ايشور جي شرڻ ۾ اسان جي خاطر حاضر رهي.


اهي ايشور جي داس موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا راجا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ