عبرانين 3:1 - Hindu Sindhi Bible1 تنهنڪري اي پوِتر ۽ مخصوص ٿيل ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آڪاشي سڏ ۾ شامل آهيو، اوهين ايشور جي موڪليل انهيءَ ايلچيءَ ۽ سردار ڪاهن يسوع تي غور ڪريو، جنهن جو اسين اقرار ڪريون ٿا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 تنهنڪري اي پاڪ ڀائرو، جي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آهيو، اوهين انهي رسول ۽ سردار ڪاهن تي، يعني يسوع تي غور ڪريو، جنهن کي اسين مڃون ٿا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible1 تنهنڪري اي پاڪ ۽ مخصوص ٿيل ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني سڏ ۾ شامل آهيو، اوهين خدا جي موڪليل انهيءَ ايلچيءَ ۽ سردار ڪاهن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنهن جو اسين اقرار ڪريون ٿا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament1 تنھنڪري اي پاڪ ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آھيو، اوھين انھيءَ رسول ۽ وڏي سردار ڪاھن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنھن کي اسين مڃون ٿا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جن وشواسي غلامن جا مالڪ بہ وشواسي آهن سي ائين نہ سمجھن تہ ”اسان کي پنهنجن مالڪن جو گھڻو مان ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، ڇوجو اسين انهن جا وشواسي ڀائر ڀينر آهيون.“ ان جي بدران اهي مالڪن جي بهتر سيوا ڪن، ڇاڪاڻ تہ جن کي سندن سيوا جو فائدو ٿو ملي سي انهن جا هموشواسي ۽ پيارا آهن. انهن سڀني ڳالهين جي تون ماڻهن کي سکيا ڏي ۽ نصيحت ڪر.
انهيءَ ٻليدان جي وسيلي ئي مسيح ايشور ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين ٻڌل وچن جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي ايشور سڏيو آهي، سي سندس امر ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن وچن ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين ٻڌل وچن جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي پاپ کان آزاد ٿين.