Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 2:8 - Hindu Sindhi Bible

8 سڀ شيون هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيون آهن.“ هاڻ جيئن سڀ شيون انسان جي پيرن هيٺ ڪيون ويون آهن، تڏهن ان مان ظاهر آهي تہ ايشور ڪابہ اهڙي شيءِ نہ ڇڏي آهي جيڪا انسان جي وس هيٺ نہ هجي. تنهن هوندي بہ اسين اڃا تائين سڀ شيون انسان جي وس هيٺ نہ ٿا ڏسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تو سڀ شيون تابع ڪري هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيون.“ ڇالاءِ جو جنهن صورت ۾ سڀ شيون هن سندس تابع ڪري ڇڏيون آهن، تنهن صورت ۾ ڪابہ شيءِ اهڙي نہ ڇڏي اٿس جا سندس تابع نہ هجي. پر اڃا اسين سڀ شيون هن جي تابع نٿا ڏسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 سڀ شيون هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيون آهن.“ هاڻ جيئن سڀ شيون انسان جي پيرن هيٺ ڪيون ويون آهن، تڏهن ان مان ظاهر آهي تہ خدا ڪابہ اهڙي شيءِ نہ ڇڏي آهي جيڪا انسان جي تابع نہ هجي. تنهن هوندي بہ اسين اڃا تائين سڀ شيون انسان جي تابع نہ ٿا ڏسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 تو سڀ شيون ھن جي پيرن ھيٺ ڪري ڇڏيون.“ خدا سڀ شيون انسان جي تابع ڪيون آھن ۽ ڪابہ اھڙي شيءِ نہ ڇڏي اٿس جا سندس تابع نہ ھجي، پر اڃا تائين اسين سڀ شيون ھن جي تابع نہ ٿا ڏسون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 2:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع چيلن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي ڌرتيءَ ۽ آڪاش تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي.


يسوع ڄاتو ٿي تہ ”پتا مون کي سڀ ڪجھہ هٿ ۾ ڏنو آهي.“ هن اهو بہ ڄاتو ٿي تہ ”آءٌ ايشور جي طرفان آيو آهيان ۽ ايشور ڏانهن موٽي وڃي رهيو آهيان.“


پتا پٽ سان پيار ڪري ٿو ۽ کيس سڀڪا اختياري ڏيئي ڇڏي اٿس.


اهو ئي پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ايشور سڀني شين کي سندس قدمن هيٺان ڪري ڇڏيو آهي.“ هاڻي جڏهن ائين چئجي ٿو تہ سڀڪا شيءِ سندس وس هيٺ ڪئي ويئي آهي تہ ظاهر آهي تہ ان ۾ ايشور پاڻ شامل نہ آهي، جنهن سڀڪا شيءِ مسيح جي وس هيٺ ڪئي آهي.


ڇا ايشور دوتن مان ڪڏهن بہ ڪنهن کي فرمايو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان“؟


پر هاڻي هن انتم زماني ۾ ايشور اسان سان پنهنجي پٽ جي معرفت ڳالهايو، جنهن کي هن سڀني شين جو وارث مقرر ڪيو ۽ سندس ئي وسيلي سڀيئي زمانا بڻايائين.


بيشڪ هيءَ مڪتي دوتن جي معرفت ٻڌايل سنديش کان مهان آهي، ڇاڪاڻ تہ هن انتم زماني کان پوءِ نئين سر بحاليءَ وارو ايندڙ زمانو، جنهن بابت اسين هن خط ۾ ذڪر ٿا ڪريون، تنهن کي ايشور دوتن جي وس هيٺ نہ ڪيو آهي.


هو آڪاش تي وڃي ايشور جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ دوت، اختياريون ۽ شڪتيون سندس وس هيٺ ڪيون ويون آهن.


۽ اهو آهيان جيڪو جيوت رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيوت رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي سنسار جون چاٻيون مون وٽ آهن.


۽ يسوع مسيح وٽان بہ، جيڪو سچو شاهد، مئلن مان جيوت ٿي اٿڻ وارن ۾ پهريتو ۽ ڌرتيءَ جي راجائن تي حڪم هلائيندڙ آهي. يسوع مسيح، جيڪو اسان سان پيار ٿو ڪري، جنهن پنهنجو رت وهائي اسان کي پاپن کان مڪتي ڏني آهي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ