Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 2:6 - Hindu Sindhi Bible

6 ڏسو، پوِتر شاستر ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي تہ ”اي ايشور! انسان ڇا آهي، جو تون هن کي ياد ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آهي، جو تون هن جي چنتا ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر ڪنهن هنڌ شاهدي ڏني ويئي آهي، تہ ”انسان ڇا آهي جو تون هن جو خيال ٿو ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آهي، جو تون هن جو فڪر ٿو ڪرين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 ڏسو، پاڪ ڪلام ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي تہ ”اي خدا! انسان ڇا آهي، جو تون هن کي ياد ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آهي، جو تون هن جو فڪر ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 پر پاڪ ڪلام ۾ ڪنھن شاھدي ڏني آھي تہ ”انسان ڇا آھي، جو تون ھن کي ياد ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آھي، جو تون ھن جو فڪر ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 2:6
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”پرڀوءَ، بني اسرائيل جي ايشور کي مهما جڳائي، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي قوم کي بچائڻ لاءِ مٿس ڪرپا جي نظر ڪئي آهي.


بيشڪ اسان جو ايشور وڏو ديالو آهي. هو آڪاش واري صبح جي روشني اسان تي پرگھٽ ڪندو،


انهيءَ تي سڀني ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو ۽ هو ايشور جي مهما ڪري چوڻ لڳا تہ ”ايشور جو هڪڙو وڏو سنت اسان وٽ ظاهر ٿيو آهي. ايشور پنهنجي قوم تي ڪرپا ڪئي آهي.“


سو انهيءَ ڳالهہ ۾ ڪوبہ وشواسي پنهنجي ڪنهن هم‌وشواسيءَ سان زيادتي يا ٺڳي ڪندي سندس گھر تي بري نظر نہ رکي. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوهان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آهي تہ پرڀو اهڙن سڀني پاپن جي سزا ڏيندو.


اهو بيان ڪندي پوِتر شاستر ۾ هڪڙي هنڌ ستين ڏينهن بابت هيئن ٻڌايو ويو آهي تہ ”ايشور پنهنجي سڀني ڪمن کي پورو ڪري ستين ڏينهن آرام ڪيو.“


اهڙيءَ طرح پوِتر لکت ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ کيس هي بہ فرمايو اٿائين تہ ”تون ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن آهين.“


اهي انهيءَ کوجنا ۾ هئا تہ مسيح جي آتما، جيڪا انهن ۾ هئي تنهن ڪهڙي وقت ۽ حالتن ڏانهن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ پوءِ مهانتا حاصل ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ