Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 2:4 - Hindu Sindhi Bible

4 ايشور بہ نشانين، ڪرامتن ۽ طرح طرح جي چمتڪارن سان ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب پوِتر آتما جا وردان ماڻهن ۾ ورهائيندي انهيءَ مڪتيءَ جي شاهدي ڏيندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 خدا بہ انهن سان گڏ پنهنجي مرضيءَ موافق، نشانين ۽ عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي قدرتن، ۽ پاڪ روح جي نعمتن جي وسيلي، انهن جي شاهدي ڏيندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 خدا بہ نشانين، ڪرامتن ۽ طرح طرح جي معجزن سان ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب پاڪ روح جون نعمتون ماڻهن ۾ ورهائيندي انهيءَ ڇوٽڪاري جي شاهدي ڏيندو رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 خدا بہ نشانين، عجيب ڪمن ۽ طرح طرح جي معجزن سان پنھنجي مرضيءَ موجب پاڪ روح جون نعمتون ورھائيندي انھيءَ ڇوٽڪاري جي شاھدي ڏيندو رھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 2:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ چيلن وڃي هر هنڌ خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو. انهن جي ڪم ۾ پرڀو يسوع ساڻن گڏ هو ۽ شڪتيءَ جي نشانين سان سندن پرچار کي سچو ثابت ڪري ٿي ڏيکاريائين.


جيئن تہ يسوع جي مان ۽ مرتبي جي هاڪ هر هنڌ پکڙجي ويئي هئي، سو گليل صوبي جي راجا هيروديس انتپاس بہ هي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي. يسوع بابت ڪي ماڻهو چون پيا تہ ”يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو وري جيوت ٿيو آهي، تنهنڪري هو اهڙا چمتڪار ڪري رهيو آهي.“


جڏهن اهو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پتا وٽان اوهان ڏانهن موڪليندس، يعني سچ جي آتما جيڪا پتا مان نڪري ٿي، تڏهن اهو مون بابت شاهدي ڏيندو.


تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”اوهين ماڻهو تيستائين وشواس نہ آڻيندا، جيستائين چمتڪار ۽ ڪرامتون نہ ڏسندا.“


تنهن هوندي بہ پولس ۽ برنباس اتي گھڻو عرصو ترسيا ۽ پرڀو يسوع بابت دليريءَ سان ڳالهائيندا رهيا. پرڀوءَ سندن هٿان چمتڪار ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنهنجي ڪرپا بابت سندن سنديش کي سچو ثابت ٿي ڪيو.


تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهيو ۽ ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو.


اسين انهن ڳالهين جا شاهد آهيون بلڪ پوِتر آتما بہ، جيڪا ايشور انهن کي ڏني آهي جيڪي سندس فرمانبردار آهن.“


هن پنهنجي خوشيءَ ۽ مرضيءَ سان اڳي ئي فيصلو ڪيو تہ اسين يسوع مسيح جي وسيلي سندس ٻار مقرر ڪيا وڃون،


پنهنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاهر ڪيو، جيڪو هن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي پنهنجي خوشيءَ سان طئي ڪري ڇڏيو هو.


انهيءَ ايڪي کي قائم رکڻ لاءِ اسان مان هر هڪ کي مسيح پنهنجي بخشش موجب جدا جدا ڪرپا بخشي آهي.


پر هيءَ ڳالهہ ذهن ۾ رکو تہ جن سچائيءَ جي روشني حاصل ڪرڻ سان گڏ آڪاش واري بخشش جو سواد چکيو آهي، پوِتر آتما جي آسيس ۾ شريڪ ٿيا آهن


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ