Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 2:16 - Hindu Sindhi Bible

16 هاڻ ظاهر آهي تہ جن جي هو مدد ٿو ڪري سي دوت نہ آهن، پر ابرهام جي پيڙهي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ڇالاءِ جو حقيقت ڪري هو ملائڪن جي دست گيري نٿو ڪري، پر ابراهيم جي نسل جي ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 هاڻ ظاهر آهي تہ جن جي هو مدد ٿو ڪري سي ملائڪ نہ آهن، پر ابراهيم جو نسل آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 حقيقت ۾ ھو ملائڪن جي نہ، بلڪ ابراھيم جي نسل جي مدد ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 2:16
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ختنو ڪرائڻ مان تہ بيشڪ فائدو آهي، پر تڏهن جڏهن اوهين ايشور جي نيم تي عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ نيم جي ئي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو تہ پوءِ اوهان جو ختنو جهڙو ٿيو تهڙو نہ ٿيو.


ايشور جا وچن بہ اهڙي نموني آهن جيڪي هن ابرهام ۽ سندس پيڙهيءَ سان ڪيا. ڏسو، پوِتر شاستر ائين نہ ٿو چوي تہ ”پيڙهين سان،“ جنهن مان مراد گھڻا ماڻهو هجن. پر هو چوي ٿو تہ ”پيڙهيءَ سان،“ جنهن مان مراد هڪڙو شخص آهي ۽ اهو مسيح آهي.


هاڻي جيڪڏهن اوهين مسيح جا آهيو تہ پوءِ ابرهام جي پيڙهي آهيو ۽ ايشور جي وچن موجب وارث بہ آهيو.


اسان جا سنساري پتا ٿورن ڏينهن جي لاءِ پنهنجي سمجھہ مطابق اسان کي سيکت ڏيندا هئا. پر ايشور جيڪا سيکت اسان کي ڏئي ٿو، سا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ آهي، تہ جيئن اسين سندس پوِترتائيءَ ۾ شامل ٿيون.


اهڙيءَ طرح هو انهن سڀني کي آزاد ڪري، جيڪي موت جي ڊپ کان سڄي عمر غلاميءَ ۾ گرفتار آهن.


تنهنڪري اهو لازمي هو تہ هو پاڻ بہ هر طرح پنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جي سيوا ڪرڻ ۾ هو اهڙو سردار ڪاهن ٿئي، جيڪو ديالو ۽ وفادار هجي ۽ ماڻهن جي پاپن جو ڪفارو ادا ڪري سگھي.


ڏسو، قسم کڻڻ وقت ماڻهو پاڻ کان ڪنهن وڏي جو ئي قسم کڻندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي تڪرار ۾ هر بحث کي ختم ڪرڻ لاءِ آخري ثابتي قسم سان ئي ڪندا آهن.


سنسار جي بڻائڻ کان اڳ ۾ ئي مسيح کي چونڊيو ويو هو، پر هن انتم زماني ۾ اوهان جي خاطر کيس ظاهر ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ