عبرانين 2:10 - Hindu Sindhi Bible10 حقيقت ۾ ايشور، جنهن جي لاءِ ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن کي اهو مناسب لڳو تہ گھڻن ٻارن کي مهانتا ۾ داخل ڪرڻ لاءِ يسوع کي تڪليفن جي وسيلي سندن مڪتيءَ جو ڪامل وسيلو بڻائي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible10 ڇالاءِ جو جنهن جي لاءِ سڀ شيون آهن، ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن لاءِ اهو مناسب هو تہ جڏهن گهڻن پٽن کي جلال تائين پهچائي، تڏهن انهن جي نجات جي بانيءَ کي ڏکن جي وسيلي ڪامل ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible10 حقيقت ۾ خدا، جنهن جي لاءِ ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن کي اهو مناسب لڳو تہ گھڻن ٻارن کي عظمت ۾ داخل ڪرڻ لاءِ عيسيٰ کي تڪليفن جي وسيلي سندن ڇوٽڪاري جو ڪامل وسيلو بڻائي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament10 جنھن جي لاءِ ۽ جنھن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آھن، تنھن خدا لاءِ اھو مناسب ھو تہ جڏھن گھڻن ٻارن کي عظمت ۾ داخل ڪري تڏھن انھن جي ڇوٽڪاري جي اڳواڻ کي ڏکن جي وسيلي ڪامل ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهن سنتن تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن سنديش ڏيندڙن جي معرفت ملي، جن آڪاش مان موڪليل پوِتر آتما جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو دوت بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.