Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 13:7 - Hindu Sindhi Bible

7 اوهين پنهنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوهان کي مسيح بابت ايشور جو سنديش ٻڌايو. انهن پنهنجو جيون جيڪو ڀلائي ڪندي گذاريو، تنهن تي ويچار ڪريو ۽ انهن جي وشواس جي نموني موجب هلو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 جيڪي اوهان جا اڳواڻ هئا ۽ اوهان کي خدا جو ڪلام ٻُڌايائون، تن کي ياد ڪريو ۽ انهن جي حياتيءَ جي نتيجي جو ويچار ڪري انهن جهڙو ايمان رکو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اوهين پنهنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوهان کي مسيح بابت خدا جو پيغام ٻڌايو. انهن پنهنجي زندگي جيڪا ڀلائي ڪندي گذاري، تنهن تي ويچار ڪريو ۽ انهن جي ايمان جي نموني موجب هلو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 اوھين پنھنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوھان کي خدا جو ڪلام ٻڌايو. انھن جي زندگي گذارڻ ۽ سندن موت تي غور ڪري انھن جھڙو ايمان ڌاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 13:7
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”پوءِ مون کي ٻڌايو تہ وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي کاڌو پيتو پوري وقت تي ڏئي؟


پرڀوءَ جواب ۾ چيو تہ ”اهو وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي وقت تي کاڌو پاڻي پهچائي؟


هڪڙي دفعي جڏهن يسوع گليل ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺو هو تہ ماڻهن جا ميڙ مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جون ڳالهيون ٻڌن.


”ٻڌو! انهيءَ مثال جو مطلب هي آهي تہ ٻج آهي ايشور جي راڄ جو سنديش.


پر پولس ۽ برنباس کين دليريءَ سان چيو تہ ”اهو ضروري هو تہ ايشور جو اهو سنديش پهريائين اوهان يهودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اهو اوهان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي امر جيون جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنهنڪري اسين اوهان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا،


هنن هر هڪ وشواسي منڊليءَ لاءِ اڳواڻ مقرر ڪيا ۽ وِرت رکي انهن اڳواڻن لاءِ پرارٿنا ڪيائون ۽ کين پرڀو يسوع جي حوالي ڪيائون، جنهن تي هنن وشواس آندو هو.


جڏهن انهن پرارٿنا پوري ڪئي تہ اها جاءِ ڌڏي ويئي جتي هو گڏ ٿيا هئا. اهي سڀيئي پوِتر آتما سان ڀرجي ويا ۽ مسيح بابت ايشور جو سنديش بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي ٻڌائڻ لڳا.


سو وشواس سنديش ٻڌڻ سان پيدا ٿئي ٿو ۽ اهو سنديش آهي مسيح بابت پرچار.


اوهان تي اهڙي ڪا آزمائش نہ پيئي آهي جيڪا انسان لاءِ عام نہ هجي. ايشور سچو آهي، هو اوهان کي اهڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوهان جي سهڻ جي طاقت کان ٻاهر هجي. هائو، جڏهن اوهين آزمائش ۾ پوندا تہ هو اوهان کي برداشت ڪرڻ جي طاقت سان گڏوگڏ انهيءَ مان بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو.


اوهين منهنجي نقشِ‌قدم تي هلو، جهڙي نموني آءٌ مسيح جي نقشِ‌قدم تي هلان ٿو.


تنهنڪري آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين بہ مون جهڙو جيون گذاريو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين سڀيئي گڏجي مون وانگر هلو ۽ انهن ماڻهن تي پڻ ڌيان ڏيندي جيون گذاريو، جيڪي اسان جي نموني تي هلن ٿا.


اوهين اسان جي ۽ پرڀو يسوع جي نقشِ‌قدم تي هلندڙ بڻيا جڏهن گھڻو ستايو وڃڻ جي باوجود اوهان پوِتر آتما جي مليل خوشيءَ سان ايشور جو سنديش قبول ڪيو.


انهن ڳالهين کان علاوہ اسين هميشہ ايشور جو شڪر بہ ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي ايشور جو سنديش مليو جيڪو اوهان اسان کان ٻڌو، تڏهن اوهان اهو انسان جو نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي تيئن ايشور جو فرمان سمجھي قبول ڪيو، جيڪو اوهان وشواسين تي اثر بہ ڪري رهيو آهي.


اوهين پاڻ ڄاڻو ٿا تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان کي اسان جي نقشِ‌قدم تي هلڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ اجايو وقت نہ وڃايوسين.


اسان اهو انهيءَ لاءِ نہ ڪيوسين تہ اسان جو اوهان تي ڪو حق نہ هو، بلڪ انهيءَ لاءِ ڪيوسين تہ اسين پاڻ کي اوهان جي لاءِ نمونو بڻايون تہ جيئن اوهين اسان جي نقشِ‌قدم تي هلو.


ڏسو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گھر ئي سنڀالي نہ ٿو سگھي تہ اهو ايشور جي منڊليءَ جي سار سنڀال ڪيئن ڪري سگھندو؟


اوهين پنهنجي اڳواڻن تي اعتماد رکندي سندن وس هيٺ رهو، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان جي آتمڪ فائدي لاءِ سجاڳ ٿا رهن ۽ ايشور وٽ انهيءَ جو حساب ڏيڻ جا ذميوار آهن. سو اوهين ائين ڪريو، تہ جيئن هو اها ذميواري خوشيءَ سان پوري ڪن نڪي رنج سان، نہ تہ اوهان کي ڪو فائدو نہ ٿيندو.


پنهنجي اڳواڻن سميت مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن سڀني کي نمسڪار ڏجو. اٽليءَ وارا وشواسي بہ اوهان کي نمسڪار ٿا چون.


سو اوهين سست نہ ٿيو، پر انهن جي نموني تي هلو، جيڪي وشواس ۽ ثابت قدميءَ جي وسيلي اها ميراث حاصل ڪن ٿا، جنهن جو وچن ايشور ڪيو آهي.


مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُپديش ڏئي تہ اهڙيءَ طرح ڏئي جو ڄڻ تہ هو ايشور جو فرمان پيش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو سيوا ڪري تہ انهيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا ايشور کيس بخشي ٿو. اهو سڀ انهيءَ طرح ڪريو جو سڀني ڳالهين ۾ يسوع مسيح جي وسيلي ايشور جي مهما ٿئي. شل سندس مهانتا ۽ شڪتي هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


آءٌ يوحنا اوهان جو وشواسي ڀاءُ، يسوع جو هئڻ ڪري ستائجڻ ۾، ايشور جي راڄ ۾ ۽ ثابت قدميءَ ۾ اوهان سان شريڪ آهيان. آءٌ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ڪري انهيءَ ٻيٽ ۾ ڇڏيو ويو هئس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.


پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انهن تي ويٺا هئا، تن کي عدالت ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. هي اهي ماڻهو هئا جن جون سسيون يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ۽ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون هيون. هنن نہ انهيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوجا ڪئي، نڪي ان جو نشان پنهنجي پيشانيءَ ۽ هٿ تي هڻايو. اهي جيوت ٿي مسيح سان گڏ هزار سالن تائين راڄ ڪندا رهيا.


جڏهن گھيٽڙي پنجين مُهر ٽوڙي، تڏهن مون ٻليدان واري جاءِ جي هيٺان انهن جون آتمائون ڏٺيون، جيڪي يسوع بابت ايشور جي سنديش ۽ سندس شاهدي ڏيڻ تي قائم رهڻ سبب ڪُٺا ويا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ