Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 13:2 - Hindu Sindhi Bible

2 مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪرڻ نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ مهمان‌نوازي ڪرڻ سان ڪن ماڻهن اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ دوتن جي مهمان‌نوازي ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 مهمان نوازي ڪرڻ کان غافل نہ رهو؛ ڇالاءِ جو انهي ڪري ڪن بي خبريءَ ۾ ملائڪن جي مهمانداري ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪرڻ نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ مهمان‌نوازي ڪرڻ سان ڪن ماڻهن اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ملائڪن جي مهمان‌نوازي ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 مسافرن جي مھمان⁠نوازي ڪندا رھو، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان ڪن ماڻھن بي⁠خبريءَ ۾ ملائڪن جي مھمانداري ڪئي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 13:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ بکايل هئس تہ اوهان مون کي کارايو، آءٌ اڃايل هئس تہ اوهان مون کي پيئاريو، آءٌ پرديسي هئس تہ اوهان مون کي پنهنجي گھر ۾ رهايو،


راجا جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ سان بہ اهڙو ڪم ڪيو، تہ اهو ڄڻ اوهان مون سان ئي ڪيو.‘


آءٌ پرديسي هئس تہ اوهان مون کي پنهنجي گھر ۾ نہ رهايو، آءٌ اگھاڙو هئس تہ اوهان مون کي ڪپڙا نہ پهرايا، آءٌ بيمار ۽ قيد ۾ هئس تہ اوهان منهنجي ڪا سار ڪانہ لڌي.‘


پوءِ جڏهن انهيءَ ناريءَ پنهنجي گھر جي ڀاتين سميت بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏهن اوهين مون کي پرڀو يسوع تي وشواس رکندڙ ڪري سمجھو ٿا تہ مهرباني ڪري منهنجي گھر هلي رهو.“ نيٺ هوءَ زور ڀري اسان کي پنهنجي گھر وٺي ويئي.


مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي اوکيءَ ويل مدد ڪريو ۽ مهمان‌نوازيءَ جي پاڻ ۾ عادت وجھو.


گيُس بہ اوهان کي نمسڪار ٿو چوي، جيڪو نہ رڳو مون پولس جي بلڪ سڄي وشواسي منڊليءَ جي پنهنجي گھر ۾ مهمان‌نوازي ڪندو آهي. شهر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو وشواسي ڀاءُ ڪوارتس بہ اوهان کي نمسڪار چئي رهيا آهن.


تنهنڪري ضروري آهي تہ سنڀاليندڙ تي ڪو الزام نہ هجي. هو پنهنجي پتنيءَ سان وفادار رهڻ سان گڏ پرهيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مهمان‌نواز ۽ سکيا ڏيڻ جي لائق هجي.


اها هر چڱي ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رهي هجي، جنهن جي شاهدي ماڻهو ڏيندا هجن، مثال طور ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪئي هجائين، پيار ۽ نماڻائيءَ سان مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سيوا ڪئي هجائين ۽ ڏکويلن جي مدد ڪئي هجائين.


اٽلندو هو مهمان‌نواز، نيڪيءَ سان پيار رکندڙ، سمجھُو، انصاف پسند، پوِتر ۽ پاڻ تي ضابطو رکندڙ هجي.


بنا ڪُرڪڻ جي هڪٻئي جي مهمان‌نوازي ڪريو.


اي منهنجا پيارا! جيڪي پرچار ڪرڻ وارا تو وٽ اچن ٿا، خاص ڪري جيڪي تنهنجا اڳ ڏٺل بہ نہ آهن، تڏهن بہ تون سچائيءَ سان انهن جي سيوا ڪرين ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ