Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 12:18 - Hindu Sindhi Bible

18 اوهان جي هلت چلت چڱي هئڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اوهين ايشور جي شرڻ ۾ آيا آهيو. ائين نہ آهي جو اوهين ڌرتيءَ تي ڪنهن اهڙي جاءِ وٽ آيا آهيو جتي باهہ پئي ٻري ۽ ڪاراڻ، اونداهي ۽ طوفان آهي، جيئن سينا جبل وٽ بني اسرائيل وارن سان ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو اوهين اُنهي جبل وٽ ڪونہ آيا آهيو، جنهن کي ڇهڻ ممڪن نہ هو، ۽ جو باهہ سان پئي ٻريو، ۽ جنهن تي ڪاراڻ ۽ اونداهي ۽ طوفان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اوهان جي هلت چلت چڱي هئڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اوهين خدا جي حضور ۾ آيا آهيو. ائين نہ آهي جو اوهين زمين تي ڪنهن اهڙي جاءِ وٽ آيا آهيو جتي باهہ پئي ٻري ۽ ڪاراڻ، اونداهي ۽ طوفان آهي، جيئن سينا جبل وٽ بني اسرائيل وارن سان ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 اوھين سينا جبل وٽ نہ آيا، جنھن کي ڇھي سگھڻ ممڪن ھو. اھو جبل باھہ سان پئي ٻريو ۽ مٿس ڪاراڻ، اونداھي ۽ طوفان ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 12:18
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اڳتي پاپ جو اوهان تي ڪوبہ اختيار نہ رهندو، ڇو تہ هاڻي اوهين نيم جي وس هيٺ نہ، بلڪ ايشور جي ڪرپا جي وس هيٺ آهيو.


ڏسو، اوهان کي اها آتما نہ ملي آهي جيڪا اوهان کي وري ڊپ جو غلام بڻائي. پر اوهان کي اها آتما ملي آهي جنهن جي وسيلي اوهين ايشور جا ٻار مقرر ڪيا ويا آهيو. انهيءَ آتما جي ڪري اسين سڀيئي ايشور کي ”پتا، اي پتا!“ ڪري ٿا پڪاريون.


هاڻي موت وارو اهو ٻڌل وچن جيڪو پٿر جي تختين تي اُڪريل هو، تنهن جي سيوا اهڙي تہ جوت واري هئي جو موسيٰ جو منهن چمڪڻ لڳو. ايتري قدر جو بني اسرائيل سندس منهن ڏانهن غور سان نهاري نہ ٿي سگھيا، جڏهن تہ اها جوت عارضي هئي ۽ هاڻي نہ رهي آهي.


هائو، جيڪڏهن اها ڏوهاري بڻائڻ واري سيوا ايڏي جوت واري هئي، تہ پوءِ جنهن سيوا جي ڪري ماڻهو سچار ٿا بڻايا وڃن سا ضرور انهيءَ کان بہ وڌيڪ جوت واري هوندي.


ائين ڪندو رهہ، ڇاڪاڻ تہ ايشور اسان کي بزدليءَ واري آتما نہ ڏني آهي، پر شڪتيءَ واري، پريم واري ۽ خود ضابطي واري آتما ڏني اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ