Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 12:11 - Hindu Sindhi Bible

11 ڪابہ سيکت جڏهن ڏني وڃي ٿي، تڏهن خوشيءَ جو نہ، پر ڏک جو سبب ٿي لڳي. پر جيڪي برداشت ڪري پختا ٿي وڃن ٿا، تن کي اها پڇاڙيءَ ۾ سچائيءَ ۽ شانتيءَ وارو جيون بخشي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 في الحال سڀ ڪنهن سيکت مان خوشي حاصل نٿي ٿئي، بلڪ غم جو سبب ٿي ڏسجي، تڏهن بہ جيڪي اها سهي سهي پڪا ٿي ويا آهن، تن کي راستبازيءَ جو ڦل ٿي ڏئي، جنهن مان اطمينان حاصل ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ڪابہ سيکت جڏهن ڏني وڃي ٿي، تڏهن خوشيءَ جو نہ، پر ڏک جو سبب ٿي لڳي. پر جيڪي برداشت ڪري پختا ٿي وڃن ٿا، تن کي اها آخر ۾ سچائيءَ ۽ سلامتيءَ واري زندگي بخشي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ڪابہ سيکت جڏھن ڏني وڃي ٿي، تڏھن خوشيءَ جو نہ، بلڪ غم جو سبب ٿي معلوم ٿئي. پر اھا آخر ۾، جيڪي برداشت ڪري پڪا ٿي ويا، تن کي سچائيءَ جو ڦل ٿي بخشي، جنھن سان اطمينان حاصل ٿئي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 12:11
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ياد رک، ايشور جو راڄ کائڻ پيئڻ تي مدار نہ ٿو رکي، بلڪ اهو سچائيءَ، ڀائيچاري ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻڌل آهي جيڪا اسان ۾ پوِتر آتما جي هئڻ ڪري آهي.


ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت اسين سهون ٿا سا خسيس ۽ ٿوري دير جي لاءِ آهي. اها اسان لاءِ هڪ اهڙي زبردست ۽ امر جوت پيدا ڪندي ٿي وڃي جنهن جي ڀيٽ ۾ هيءَ مصيبت ڪجھہ بہ ناهي.


هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، پرڀو يسوع، جيڪو انصاف ڪندڙ جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن.


اسان جا سنساري پتا ٿورن ڏينهن جي لاءِ پنهنجي سمجھہ مطابق اسان کي سيکت ڏيندا هئا. پر ايشور جيڪا سيکت اسان کي ڏئي ٿو، سا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ آهي، تہ جيئن اسين سندس پوِترتائيءَ ۾ شامل ٿيون.


جڏهن تہ سخت کاڌو پوريءَ عمر وارن جي لاءِ آهي، جيڪي آزمودي وسيلي ان لائق ٿي ويا آهن جو نيڪيءَ ۽ بديءَ جو فرق سمجھي سگھن.


انهيءَ ڳالهہ جي ڪري اوهين گھڻي خوشي ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ في‌الحال ٿوري وقت لاءِ اوهان کي طرح طرح جي آزمائشن سبب ڏک ڏسڻا ٿا پون.


اهي زناڪاريءَ لاءِ هر وقت نارين کي بري نظر سان پيا ڏسن ۽ پاپن کان بس نہ ٿا ڪن. جيڪي ڪمزور وشواس وارا آهن، تن کي هو غلط ڪمن ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ڦاسايو ٿا وٺن. اهي لالچ ڪرڻ جا ماهر ۽ لعنتي آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ